اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهد گوندل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس شاهد گوندل جي لاڏاڻي سان دلي صدمو پهتو آهي، هو هڪ وفادار ڪارڪن هو، جيڪو سياسي مافيا جي خلاف جدوجهد ۾ اسان جو ساٿي هو.