APP59-260121 ISLAMABAD: January 26 - Federal Minister for Privatisation Mohammed Mian Soomro chairing a meeting to discuss the revival strategy/privatisation of DSCOS. Special Assistant to PM on Power Tabish Gohar also attending the meeting. APP

اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري/ بحالي جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري تفصيلن مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم جي توانائي بابت مشير تابش گوهر، چيئرمين نيپرا، سيڪريٽري پاور ، سيڪريٽري نجڪاري ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي ۽ ڪابينه جي توانائي بابت ڪميٽي ڊسڪوز جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن جي نجڪاري لاءِ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي.