APP44-19 ISLAMABAD: August 19 – Federal Minister for information and Broadcasting Senator Shibli Faraz along with Federal Minister for Science & Technology Ch. Fawad Hussain, Federal Minister for Human Rights Dr. Shiren Mazari, Federal Minister for Energy Omer Ayub, Federal Minister for Maritime Affairs Ali Zaidi, Federal Minister for Communication Murad Saeed, Federal Minister for Water Resources Faisal Vawda, Federal Minister for Inter Provincial Coordination, Dr. Fahmida Mirza and Special Assistant to the Prime Minister (Petroleum Division), Nadeem Babar jointly addressing a press conference regarding the two years performance of the Government at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ففٿ جنريشن وار جو هدف ملڪ ۾ افراتفري ۽ نااميدي پيدا ڪرڻ هوندو آهي، قوم ترقي جي راهه تي هلي رهي آهي ۽ معيشت بحال ٿي رهي آهي، ملڪ لاءِ بهترين خبرون اچي رهيون آهن ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ سٺي خبر مخالف ڌر لاءِ بري خبر آهي، ثابت قدمي سان عوام ڏکي وقت ۾ جمهوري حڪومت جو ساٿ ڏنو، هاڻي مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون، پهريون ڀيرو ملڪي تاريخ ۾ عوام جا نمائندا عوام جي سامهون جوابده هجڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون ادا ڪري رهيا آهن، مافياز کي نه ڇڏينداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جو اڄ گذريل ڏينهن کان بهتر ۽ ايندڙ ڏينهن اڄ کان بهتر هجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير فهميده مرزا، وزيراعظم جي خاص مددگار نديم بابر ۽ وزيراعظم جي بجلي بابت خاص مددگار شهزاد قاسم سان گڏ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي سلسلي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.