APP49-24 ISLAMABAD: December 24 - Prime Minister Imran Khan in a meeting with Chairman, Al-Tamimi Group of Companies of Saudi Arabia Sheikh Tariq Ali Abdullah Al-Tamimi. APP

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي التميمي گروپ آف ڪمپنيز جي چيئرمين شيخ طارق علي عبدالله التميمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان شيخ طارق علي عبدالله التميمي کي ڀليڪار چوندي حڪومت طرفان ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ بابت کنيل قدمن ۽ باصلاحيت سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت بابت آگاهه ڪيو.