واشنگٽن- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي اڀرندڙ نمايان حيثيت کي آمريڪي مارڪيٽ ۾ موثر واپاري حصيدار طور متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪ-آمريڪا ٽيڪ ڪنيڪٽ 2026ع جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فني ۽ ڪمرشل هم آهنگي ۽ ڀائيواري لاءِ نيُون راهُون هموار ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ-آمريڪا ٽيڪ ڪنيڪٽ …
عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي اڀرندڙ نمايان حيثيت کي آمريڪي مارڪيٽ ۾ موثر واپاري حصيدار طور متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي: رضوان سعيد شيخ

مزید خبریں
واشنگٽن- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي اڀرندڙ نمايان حيثيت کي آمريڪي مارڪيٽ ۾ موثر واپاري حصيدار طور متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪ-آمريڪا ٽيڪ ڪنيڪٽ 2026ع جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فني ۽ ڪمرشل هم آهنگي ۽ ڀائيواري لاءِ نيُون راهُون هموار ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ-آمريڪا ٽيڪ ڪنيڪٽ 2026ع جي ٽئين ايڊيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان موجب سفارتخاني ۾ پاڪ-آمريڪا ٽيڪ ڪنيڪٽ 2026ع جي ٽئين ايڊيشن جو ڪامياب انعقاد ڪيو ويو. سليڪون ويلي ۽ ڊيلاس کانپوءِ ۽ واشنگٽن ڊي سي ۾ به پاڪ-آمريڪا ٽيڪ ڪنيڪٽ 2026ع ۾ پاڪستان جي آئي ٽي ڪمپنين، آمريڪي ماهرن، سيڙپڪارن ۽ ڀائيوارن ڀرپُور شرڪت ڪئي. پاڪ-آمريڪا ٽيڪ ڪنيڪٽ 2026ع جي ٽئين ايڊيشن جو انعقاد واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستان جي سفارتخاني، قونصل خانن ۽ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي تعاون سان ڪيو پيو وڃي، جنهن جو ايندڙ پروگرام 23 آڪٽوبر تي شڪاگو ۾ ٿيندو.









