اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد عورتن کي بااختيار بڻائڻ، نوجوانن جي ترقي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ کي پاڪستان ۽ مالديپ جي ٻطرفي لاڳاپن جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايوان صدر ۾ مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد سان …
خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ، نوجوانن جي ترقي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد عورتن کي بااختيار بڻائڻ، نوجوانن جي ترقي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ کي پاڪستان ۽ مالديپ جي ٻطرفي لاڳاپن جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايوان صدر ۾ مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد سان ملاقات دوران بي بي آصفه ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي گرمجوشي ۽ مهمان نوازي سندس دوري کي يادگار بڻائيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي، گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ اسلامي ڀائيچاري جي پراڻي رشتن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. خاتون اول تعليم، صحت، ثقافت، نوجوانن جي ترقي ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا جي شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ عورتن جي عوامي زندگي ۾ شرڪت وڌائڻ ۽ انهن جي تعليم جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي عزم ۾ شريڪ آهن. هن خاص طور تي فني تربيت، قيادت جي صلاحيتن جي فروغ ۽ معاشي خودمختياري جي ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري مالديپ جي خاتون اول جي پيشيواراڻي سفر کي ساراهيندي مالديپ فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي ۾ سندس قائداڻي ڪردار ۽ ڪورونا وبا دوران عوامي صحت جي شعبي ۾ سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ ۽ جديد قدمن جي ذريعي ڪمزور طبقن جي مدد جي لاءِ ساجده محمد جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. ٻنهي خاتون اول عورتن جي قيادت، تعليم، هنرمندي جي ترقي، سياحت ۽ مهمان نوازي، جديد ۽ گهٽ لاڳت زراعت، ڪاروبار، عوامي صحت، سماجي ترقي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي شعبن ۾ گڏيل تعاون مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ، غربت جو خاتمو ۽ مائرن ۽ ٻارن جي صحت انهن جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن 2008ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ شروع ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) کي پاڪستان جو اهم ترين سماجي تحفظ جو قدم قرار ڏنو جيڪو لکين مستحق خاندانن خاص طور تي عورتن کي مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هن بينظير نشونما پروگرام جي مثبت اثرن جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن جو مقصد زندگي جي شروعاتي هڪ هزار ڏينهن دوران غذائي کوٽ ۽ ٻارن جي واڌويجهه ۾ رڪاوٽ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ آهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته هر عورت عزت ۽ وقار ۽ معاشي تحفظ سان زندگي گذاري ۽ هر ٻار کي زندگي جي شروعات کان ئي صحتمند ماحول ملي. هن چيو ته شاگردن، ماهرن، تعليمي ادارن ۽ نوجوان پروفيشنلز جي وچ ۾ مٽاسٽا ۾ اضافو مستقبل جي نسلن جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي خاتون اول عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪندڙ لاڳاپيل ادارن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هنن اتفاق ڪيو ته انهن شعبن ۾ مسلسل رابطا پاڪستان ۽ مالديپ جي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل هدفن کي عوام جي لاءِ عملي فائدن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان موقعي تي بي بي آصفه ڀٽو زرداري يڪجهتي جي اظهار ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي فروغ جي لاءِ مالديپ جي خاتون اول ۽ سندس وفد جي ميمبرن کي گلابي ربن پڻ پيش ڪيون. مالديپ جي خاتون اول سان گڏ صحت، خاندان ۽ ڀلائي واري وزير گيلا علي پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر، سينيٽر روبينه خالد ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري پڻ موجود هيون.









