سيئول/اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته مصنوعي ذهانت عوامي خدمتن ۽ طرز حڪمراني جي پهرين نه پر آخري تهه آهي، هن واضح ڪيو ته هڪ اي آءِ ماڊل صرف ايترو ئي معياري، منصفاڻو ۽ قابل اعتماد ٿي سگهي ٿو جيترو ان جي هيٺ موجود بنيادي ڍانچو مضبوط هجي ۽ جڏهن حڪومتون انهن بنيادي اصولن کي …
وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه پاران گلوبل اي آءِ اينڊ ڊجيٽل سمٽ 2026ع جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي انتظام هيٺ خصوصي پينل ڊسڪشن کي خطاب

مزید خبریں
سيئول/اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته مصنوعي ذهانت عوامي خدمتن ۽ طرز حڪمراني جي پهرين نه پر آخري تهه آهي، هن واضح ڪيو ته هڪ اي آءِ ماڊل صرف ايترو ئي معياري، منصفاڻو ۽ قابل اعتماد ٿي سگهي ٿو جيترو ان جي هيٺ موجود بنيادي ڍانچو مضبوط هجي ۽ جڏهن حڪومتون انهن بنيادي اصولن کي نظرانداز ڪن ٿيون ته اهي رڳو اهڙن پائليٽ منصوبن تائين محدود ٿي وينديون آهن، جيڪي ڪڏهن به وڏي پئماني تي نه ٿيون پکڙجي سگهن ۽ جن تي عوام ڀروسو نٿي ڪري. ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري هنڌ سيئول ۾ جاري گلوبل اي آءِ اينڊ ڊجيٽل سمٽ 2026ع جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي بندوبست هيٺ خصوصي پينل ڊسڪشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پاڪستان جي تجربن جي روشني ۾ اي آءِ جي محفوظ ۽ اثرائتي عمل درآمد لاءِ چار بنيادي ٿنڀن کي اڻٽر قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته نادرا جي 10 ڪروڙ کان وڌيڪ تصديق ٿيل قومي سڃاڻپ نظام کي آن لائين تصديق ۽ شهرين جي رضامندي سان گڏ هڪ جامع ڊجيٽل سڃاڻپ ۾ واڌ ڏئي رهي آهي ته جيئن بنا ڪنهن انساني مداخلت جي ذاتي نوعيت جون خدمتون ڏئي سگهجن. ان سان گڏوگڏ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي فوري ادائيگي جي نظام راست کي هن عمل سان ڳنڍيو ويو آهي ته جيئن اي آءِ ماڊل جهڙي ئي مدد جي حقدار خاندان جي سڃاڻپ ڪري، هي نظام فنڊن جي منتقلي کي فوري ۽ شفاف طريقي سان حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهي. هن ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان جاري ڊيپ منصوبي تحت پاڪستان پنهنجو پهريون قومي ڊجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر ٺاهي رهيو آهي، جنهن جو مرڪزي محور ڊيٽا ايڪسچينج ليئر ڪنيڪشن آهي. هن چيو ته محفوظ ۽ انڪرپٽڊ نظام ذريعي سرڪاري کاتن وچ ۾ ڊيٽا جي مٽاسٽا ممڪن ٿيندي، جڏهن ته انهي پليٽ فارم تي هڪ مرڪزي سٽيزن سپر ايپ ۽ محققن ۽ اسٽارٽ اپس لاءِ اوپن ڊيٽا ايڪو سسٽم نوڊ متعارف ڪرايو پيو وڃي. انهن قدمن کي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي پاران جاري ڪيل نيشنل ڊيٽا گورننس پاليسي جو قانوني تحفظ حاصل آهي، جنهن تحت سرڪاري ڊيٽا جي درجابندي ۽ آڊٽ ٽريلز کي لازمي قرار ڏيندي واضح ڪيو ويو ته اي آءِ صرف انساني فيصلن ۾ مدد ڪندي پر شهرين جي حقن جو حتمي فيصلو پاڻ صادر نه ڪندي. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪندي چيو ته حڪومت پنهنجي قومي پروگرام تحت هڪ خودمختيار اي آءِ انفراسٽرڪچر قائم ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪي ڪمپيوٽنگ صلاحيت ذريعي پاڪستاني ڊيٽا ملڪ اندر ئي پروسيس ٿئي ۽ ان جي معاشي قدر پاڪستان ۾ ئي رهي. ان سان گڏ اردو ۽ علائقائي ٻولين تي ٻڌل پاڪستان جو پهريون لارج لينگوئيج ماڊل، براق به تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن جديد ٽيڪنالاجي تائين هر عام شهري جي پهچ ۾ هجي. هن عالمي بئنڪ جي تعاون جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ بنيادي ڍانچو وڇائڻ هڪ سست عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر هڪ ڀيرو هي ڊجيٽل پٽڙيون تيار ٿي وڃن ان تي هر نئين اي آءِ سروس کي لانچ ڪرڻ انتهائي تيز، سستو ۽ محفوظ ٿي ويندو آهي.









