ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف پوليس جو آپريشن پنجين ڏينهن به جاري

لاڙڪاڻو- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خاص طور تي قتل جي ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن خلاف لاڙڪاڻو پوليس جو آپريشن پنجين ڏينهن به جاري آهي. آپريشن ۾ بڪتربند گاڏين، پوليس موبائيلن ۽  پوليس جي وڏي نفري حصو ورتو، پوليس ٽيمن پاران مختلف شڪي ٺڪاڻن، جوابدارن جي فرار ٿيڻ وارن رستن ۽ علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو پيو …

لاڙڪاڻو- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خاص طور تي قتل جي ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن خلاف لاڙڪاڻو پوليس جو آپريشن پنجين ڏينهن به جاري آهي. آپريشن ۾ بڪتربند گاڏين، پوليس موبائيلن ۽  پوليس جي وڏي نفري حصو ورتو، پوليس ٽيمن پاران مختلف شڪي ٺڪاڻن، جوابدارن جي فرار ٿيڻ وارن رستن ۽ علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو پيو وڃي. پوليس آپريشن دوران فرار ٿي ويل ۽ سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. آپريشن دوران قانون جي عملداري ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري حفاظتي اپاءُ پڻ اختيار ڪيا پيا وڃن. ايس ايس پي لاڙڪاڻي واضح ڪيو آهي ته قانون کان فرار جوابدارن خلاف ڪارروايون بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهنديون، سمورن مفرور جوابدارن جي گرفتاري تائين پوليس آپريشن جاري رهندو.