لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي سخت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو - 07 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي سخت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب حيدري ٿاڻي جي حد جمالي لاڙو واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ واردات جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيل آمهون سامهون ٿي ويا. مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ 30 …

لاڙڪاڻو – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي سخت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب حيدري ٿاڻي جي حد جمالي لاڙو واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ واردات جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيل آمهون سامهون ٿي ويا. مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ 30 بور جي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ مور ولد گل حسن جلباڻي طور ٿي آهي جيڪو ڳوٺ علي محمد جلباڻي ويجهو مدئجي ضلعو شڪارپور طور ٿي آهي،شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻي ۽ آسپاس سنگين ڏوهن ۽ مختلف ٿاڻن اندر ڪيسن ۾ ملوث آهي،فرار ٿي ويل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.