حيدرآباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) نياز اسٽيڊيم حيدرآباد کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حوالي ڪرڻ جي سلسلي ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو ۽ پي سي بي چيف آپريٽنگ آفيسر سيد سمير معاهدي تي صحيحون ڪيون. تقريب دوران نياز اسٽيڊيم جي بحالي، تزئين ۽ آرائش سميت ان کي جديد ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب تيار ڪرڻ بابت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. تقريب کي خطاب …
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حوالي، جديد معيار موجب بحالي جو فيصلو

مزید خبریں
حيدرآباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) نياز اسٽيڊيم حيدرآباد کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حوالي ڪرڻ جي سلسلي ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو ۽ پي سي بي چيف آپريٽنگ آفيسر سيد سمير معاهدي تي صحيحون ڪيون. تقريب دوران نياز اسٽيڊيم جي بحالي، تزئين ۽ آرائش سميت ان کي جديد ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب تيار ڪرڻ بابت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ميئر ڪاشف شورو چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت آهي ته نوجوانن کي راندين جي ميدانن ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، جيئن هو ملڪي ۽ عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. هن چيو ته نياز اسٽيڊيم جي بهتري لاءِ جاري ڪوششون هاڻي نتيجا ڏيندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته اسٽيڊيم جون روشنيون پڻ بحال ڪيون وينديون. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته نياز اسٽيڊيم جي پي سي بي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ان کي عالمي معيار موجب بحال ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته نياز اسٽيڊيم جو ڪمشنر آفيس سان تاريخي تعلق آهي، ڇاڪاڻ ته هي ميدان اڳوڻي ڪمشنر نياز احمد قائم ڪرايو هو. پي سي بي چيف آپريٽنگ آفيسر سيد سمير چيو ته نياز اسٽيڊيم جي بحالي جو سفر ڊگهو رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ پي سي بي چيئرمين جو اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته اسٽيڊيم جي بحالي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. سيد سمير ٻڌايو ته نياز اسٽيڊيم ۾ تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش وڌائي اٽڪل 20 هزار تائين ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ايس ايل 12 دوران حيدرآباد ۾ هڪ ميچ ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، جڏهن ته پي ايس ايل 13 ۾ نياز اسٽيڊيم ۾ باقائده ميچون منعقد ڪرائڻ جي پڻ منصوبابندي ڪئي ويندي.









