سکر- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هيڊڪوارٽر منيلا ۾ منعقد ٿيل ڪلائميٽ ايڊاپٽيشن انويسٽمينٽ پلاننگ فورم ۾ مهمان مقرر طور شرڪت ڪندي سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، شهري ترقي ۽ بلدياتي خدمتن جي بهتري لاءِ اهم قدمن ۽ سيڙپڪاري جي منصوبن کي اجاگر ڪيو. اڱاري ڏينهن ميئر آفيس سکر پاران جاري ڪيل پريس رليز …
سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ڪلائميٽ ايڊاپٽيشن انويسٽمينٽ پلاننگ فورم ۾ مهمان مقرر طور شرڪت

مزید خبریں
سکر- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هيڊڪوارٽر منيلا ۾ منعقد ٿيل ڪلائميٽ ايڊاپٽيشن انويسٽمينٽ پلاننگ فورم ۾ مهمان مقرر طور شرڪت ڪندي سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، شهري ترقي ۽ بلدياتي خدمتن جي بهتري لاءِ اهم قدمن ۽ سيڙپڪاري جي منصوبن کي اجاگر ڪيو. اڱاري ڏينهن ميئر آفيس سکر پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته موسمياتي تبديلي اڄ دنيا کي درپيش سڀ کان سنگين چئلينجن مان هڪ آهي. شديد گرمي، ٻوڏ ۽ پاڻي جي کوٽ سڄي دنيا ۾ عوامي زندگي، روزگار ۽ بنيادي شهري سهولتن کي سخت خطرن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته فورم ۾ حڪومتن جي نمائندن، ترقياتي ڀائيوارن ۽ عالمي مالياتي ادارن شرڪت ڪئي، جتي مربوط منصوبابندي، موسمياتي تبديلي کان محفوظ انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاري جي مؤثر شراڪتي ماڊلن ذريعي عملي حل ڳولهڻ تي بحث ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان، سنڌ ۽ خاص طور تي پنهنجي شهر سکر جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ سيڪنڊري سٽيز امپروومنٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، جيڪو صوبي جي تاريخ جي وڏن شهري ترقياتي منصوبن مان هڪ آهي. هن پروگرام تحت لڳ ڀڳ هڪ ارب آمريڪي ڊالر، يعني اٽڪل 278 ارب پاڪستاني رپين جي سيڙپڪاري پنجن وڏن شهرن ۾ ڪئي ويندي، جيڪي ڊويزنل هيڊڪوارٽر آهن، جن ۾ سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد شامل آهن. هن چيو ته پروگرام جو بنيادي مقصد شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ، سيوريج ۽ گندي پاڻي جي بهتر انتظام، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ جديد سائنسي لينڊ فل سائيٽن جي تعمير آهي، جن ۾ وسيلن جي بحالي ۽ آمدني پيدا ڪرڻ جا نظام پڻ شامل هوندا. ان کان علاوه موسمياتي تبديلي کان محفوظ انفراسٽرڪچر، وڻڪاري ۽ شهري ٻيلا، عالمي معيار موجب جامع ماسٽر پلان ۽ مختلف شعبن لاءِ تفصيلي ترقياتي منصوبا پڻ پروگرام جو حصو هوندا. هن چيو ته هي پروگرام صرف انفراسٽرڪچر جي تعمير تائين محدود ناهي، پر ان جو مقصد شهرن جي معاشي ترقي، هر شهر جي معاشي خصوصيتن ۽ پيداواري صلاحيت کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن، عورتن ۽ ڪمزور طبقن لاءِ روزگار ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ پڻ آهي. هن ٻڌايو ته پراجيڪٽ ريڊينيس فنانسنگ سان لاڳاپيل دستاويز مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ جلد شايع ٿيڻ جو امڪان آهي. پروگرام ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا منصوبا پڻ شامل هوندا، جن جو مقصد شهري خدمتن کي بهتر بڻائڻ ۽ بلدياتي ادارن لاءِ پائيدار آمدني جا ذريعا پيدا ڪرڻ آهي، ته جيئن ميونسپل ڪارپوريشنون آهستي آهستي مالي طور تي پاڻڀرو ادارو بڻجي سگهن. هن چيو ته اي ڊي بي جي ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا لاءِ نائب صدر ينگ منگ يانگ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل بلدياتي ادارن سان انهن منصوبن تي وقت سر عملدرآمد لاءِ مڪمل سهڪار ۽ معاونت جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته عالمي ترقياتي ادارن پاران سنڌ جي شهري ۽ موسمياتي منصوبن ۾ سهڪار صوبي جي ترقياتي ترجيحن تي عالمي اعتماد جو اظهار آهي. بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ سکر جي حوالي سان اهم خوشخبري ڏيندي دي راڪ فِلر فائونڊيشن، برطانوي حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو خاص طور تي شڪريو ادا ڪيو، جن جي سهڪار سان اربن ريزيلينس ٽرسٽ فنڊ تحت سکر جي ڪلائميٽ اينڊ هيٽ ايڊاپٽيشن انويسٽمينٽ پلاننگ لاءِ 20 لک آمريڪي ڊالرن جي گرانٽ منظور ڪئي وئي آهي. هن واضح ڪيو ته اها رقم مڪمل طور تي گرانٽ آهي، قرض ناهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جي واپسي، قرض جي ادائيگي يا سروس چارجز لاڳو نه ٿيندا. بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته انشاءَ الله نومبر 2026ع ۾ عالمي صلاحڪار سکر ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪندا. هن ٻڌايو ته ان سهڪار ذريعي سيڙپڪاري لاءِ تيار منصوبا تيار ڪيا ويندا، وڌيڪ مالي وسيلا حاصل ڪرڻ جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ شهري بنيادي سهولتن ۽ شديد گرمي کان تحفظ لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪئي ويندي. هن چيو ته ان قدم جو خاص مقصد موسمياتي تبديلي ۽ شديد گرمي جي اثرن کان گهٽ آمدني وارن خاندانن ۽ ڪچي آباديءَ جي رهواسين سميت ڪمزور طبقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي. فورم جي موقعي تي بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ نيپال جي مدهيش صوبي جي وڏي وزير ڪرشنا پرساد يادَو سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ نيپال ۾ تازو آيل تباهه ڪندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ پڻ موسمياتي آفتن سبب پيدا ٿيندڙ انساني ڏک ۽ مشڪلاتن کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا، ان ڪري عالمي سهڪار، موسمياتي لحاظ کان مضبوط منصوبابندي ۽ تجربن جي ڏي وٺ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي متحرڪ ۽ نوجوان قيادت ۾ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو عزم آهي ته ترقياتي منصوبن کي عملي سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪري عوام جي زندگين ۾ پائيدار بهتري آندي وڃي. بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو اسان جو مقصد واضح آهي ته ترقياتي خيالن کي عملي سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪرڻ، پنهنجي شهرن کي مضبوط بڻائڻ، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته ترقي جي سفر ۾ ڪو به پوئتي نه رهجي وڃي. بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي ترقياتي ڀائيوارن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جو شڪريو ادا ڪيو، جيڪي سنڌ ۾ موسمياتي تحفظ، شهري ترقي ۽ عوامي سهولتن جي بهتري لاءِ سهڪار ڪري رهيا آهن.









