اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته معياري تعليم ۽ نوجوانن لاءِ موقعن ۾ اضافي لاءِ تعليم جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي. حاضر دور جي تقاضائن مطابق استادن جي تعليم، پيشيوراڻي ترقي ۽ مددگار تعليمي ماحول ۾ مسلسل سيڙپڪاري جاري رکڻي پوندي، استاد ۽ شاگرد وچ ۾ بنيادي تعلق کي برقرار رکندي استادن کي نئين ٽيڪنالاجيز جي استعمال لاءِ معاونت فراهم …
معياري تعليم ۽ نوجوانن لاءِ موقعن ۾ اضافي لاءِ تعليم جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته معياري تعليم ۽ نوجوانن لاءِ موقعن ۾ اضافي لاءِ تعليم جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي. حاضر دور جي تقاضائن مطابق استادن جي تعليم، پيشيوراڻي ترقي ۽ مددگار تعليمي ماحول ۾ مسلسل سيڙپڪاري جاري رکڻي پوندي، استاد ۽ شاگرد وچ ۾ بنيادي تعلق کي برقرار رکندي استادن کي نئين ٽيڪنالاجيز جي استعمال لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو 5 آڪٽوبر تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر مملڪت ان ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي استادن کي مبارڪ پيش ڪندي تعليم، انساني ترقي ۽ قومي تعمير ۾ سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته استاد هر تعليمي نظام جو مرڪز ۽ محور هوندو آهي جيڪو علم جي فراهمي سان گڏوگڏ شاگردن ۾ تحقيق ۽ جستجو کي وڌائڻ، ڪردار سازي ۽ نوجوانن کي معاشري جو ذميوار ۽ فائديمند ماڻهو بڻجڻ لاءِ گهربل مهارتن ۽ قدرن سان روشناس ڪرائي ٿو. هن چيو ته استادن جو اثر ۽ ڪردار ڪلاس روم کان اڳتي تائين ڦهليل آهي ۽ ان جا اثر خاندانن ۽ معاشرن جي زندگين ۾ نمايان هوندا آهن. هن چيو ته هلندڙ سال استادن جي عالمي ڏينهن جي اهميت ان لاءِ به وڌي وئي آهي ته ”استادن جو مقام“ بابت 1966ع جي آءِ ايل او / يونيسڪو سفارشن جي 60 هين سالگرهه جي موقعي تي ملهايو پيو وڃي. هن سال جو موضوع ”استادن سان گڏ بيهڻ: 60 سال تائين پيشي جو تحفظ، ان جي رُتبي کي اڳتي وڌائڻ ۽ اسان جي مستقبل جي جوڙجڪ“ استادن جي اهميت کي تسليم ڪرڻ ۽ کين گهربل پيشيوراڻي معاونت ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت کي اجاڳر ڪري ٿو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ موقعن ۾ اضافي لاءِ تعليم جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي. اسان کي استادن جي تعليم، پيشيوراڻي ترقي ۽ مددگار تعليمي ماحول ۾ مسلسل سيڙپڪاري جاري رکڻي پوندي ته جيئن هو پنهنجي شاگردن جي بدلجندڙ تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهتر طور تي تيار رهن. هن چيو ته مصنوعي ذهانت سميت ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي به تعليم جي فراهمي جي طريقيڪار کي تبديل ڪري رهي آهي. ٽيڪنالاجي تدريس ۽ سکڻ جي عمل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هي انهن انساني خاصيتن جو متبادل نه ٿي بڻجي سگهي جيڪي استاد ڪلاس روم ۾ کڻي اچن ٿا جن ۾ همدردي، رهنمائي، اخلاقي تربيت ۽ شاگردن کي سمجهڻ ۽ متاثر ڪرڻ جي صلاحيت شامل آهي. هن زور ڀريو ته استاد ۽ شاگرد وچ ۾ انساني تعلق کي تعليمي محور جي حيثيت سان برقرار رکندي استادن کي نئين ٽيڪنالاجيز جي استعمال لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر مملڪت، ڏورانهن، پُٺتي پيل ۽ ڏکين حالتن ۾ گهِريل علائقن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ استادن جي خاص طور تي تعريف ڪندي چيو ته ڪيترن ئي ٻارن لاءِ معياري تعليم جو ڀاڙڻ سڌي ريت انهن جي اسڪولن جي استاد جي محنت ۽ عزم تي هوندو آهي. اهڙن استادن لاءِ ضروري تربيت، وسيلا ۽ سازگار حالتن جي فراهمي يقيني بڻائي هر ٻار کي سکڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو منصفاڻو موقعو ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. صدر مملڪت ان موقعي تي حڪومتن، تعليمي ادارن، والدين، ڪميونٽيز، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي تي زور ڀريو ته هو تعليم جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته استادن جي معاونت پاڪستان جي تعليم ۽ مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. صدر مملڪت سمورن پاڪستاني استادن کي سندن لڳن، صبر ۽ استقامت ۽ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن محنت انهن نسلن جي علم، ڪردار ۽ امنگن کي واضح ڪري ٿي جيڪا اسان جي ملڪ جو مستقبل سنواريندي.











