اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان جي ترقي جو دارومدار اسان جي تعليم جي نظام جي معيار ۽ خاص ڪري قابل استادن جي عزم ۽ محنت تي آهي، جامع مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ۽ مصنوعي ذهانت، موسمياتي تبديلي، فني ترقي ۽ روزگار جي علم تي ٻڌل تعليم جو نظام ئي روشن مستقبل جي ضمانت آهي، تعليم جي نظام کي …
پاڪستان جي ترقي جو دارومدار تعليم جي نظام جي معيار ۽ خاص ڪري قابل استادن جي عزم ۽ محنت تي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان جي ترقي جو دارومدار اسان جي تعليم جي نظام جي معيار ۽ خاص ڪري قابل استادن جي عزم ۽ محنت تي آهي، جامع مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ۽ مصنوعي ذهانت، موسمياتي تبديلي، فني ترقي ۽ روزگار جي علم تي ٻڌل تعليم جو نظام ئي روشن مستقبل جي ضمانت آهي، تعليم جي نظام کي قابليت، معياري ۽ عالمي گهرجن موجب بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف استادن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مان پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ مستقبل جي معمار نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جهڙي مقدس فرض تي مقرر استادن کي دلي طور خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته استاد نوجوانن جي انفرادي تربيت، شخصي صلاحيتن کي نکارڻ، علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافي جي ناقابل فراموش ڪردار جي حيثيت رکن ٿا.نوجوانن جي ذهني واڌ ويجهه، فڪري ارتقا ۽ نسلن جي رهنمائي سبب استاد گڏيل سماجي اثاث ۽ معاشرتي قدرن کي به متعين ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته استادن جي لگن، علم ۽ عزم بنا ڪنهن شڪ جي قومن جي مستقبل جي جوڙجڪ ڪري ٿي. استاد ڪامياب تعليمي نظام جو بنيادي ٿنڀ آهن، جيڪي شاگردن ۾ علم جي جستجو ۽ بدلجندڙ دنيا ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اعتماد ۽ گهربل مهارتن سان تيار ڪن ٿا. هن چيو ته نوجوانن جي ڪردار سازي ۾ درسگاهون ۽ استاد حقيقت ۾ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو بنياد مضبوط ڪن ٿا، پاڪستان جي ترقي جو دارومدار اسان جي تعليمي نظام جي معيار ۽ خاص ڪري قابل استادن جي عزم ۽ محنت تي آهي، هن چيو ته موجوده دور جا نوان چئلينجز ان ڳالهه جا گهرجائو آهن ته اسان پنهنجي شاگردن جي علم کان علاوه تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيت، اخلاقي قدر، حالتن مطابق ٿيڻ جي سگهه ۽ سڄي زندگي سکڻ جي تربيت به ڪيون. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ دانش اسڪول اصل ۾ معياري تعليم کي قابل ۽ باصلاحيت شاگردن جي دسترس ۾ رکڻ جي ڪوشش آهن. وزيراعظم چيو ته تعليمي موقعن جي هڪجهڙي فراهمي لاءِ حڪومتي عزم دانش اسڪولن جي دائره ڪار ۾ واڌ مان به ظاهر آهن. باصلاحيت ۽ مستحق ٻار، خاص ڪري معاشي طور پٺتي پيل ۽ تعليمي سهولتن کان محروم علائقن سان تعلق رکندڙ ٻارن کي معياري تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ ترجيح آهي. هن چيو ته تعليمي نظام جي بهتري ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. حڪومت استادن جي معياري پيشيواراڻي تربيت، جديد تعليمي وسيلا ۽ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي، اسلام آباد ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلينس ان ٽيچر ايجوڪيشن جو قيام ان ئي رخ ۾ هڪ اهم قدم آهي، جيڪو استادن کي موجوده دور جي تعليمي گهرجن مطابق علم، مهارتن ۽ تعليمي طريقيڪار سان تيار ڪرڻ ۾ يقيني طور تي مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته حڪومت قومي نصاب پاڪستان ذريعي نصاب ۾ سڌارن تي به ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي. ان کي نظر ۾ رکندي حڪومت، صوبن ۽ ٻين لاڳاپيل ڀائيوارن جي تعاون سان قومي سطح تي هم آهنگ تعليمي معيار، قابليت، تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيت ۽ مستقبل جي ضرورتن تي ٻڌل معقول نصاب لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته نيوٽيڪ ۽ وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام جهڙا پيشيواراڻي تربيت جا موقعا نوجوانن لاءِ نمايان قدم آهن. اها تربيت صنعتي طلب ۽ عملي ضرورتن مطابق نوجوانن جي فني سگهه کي وڌائڻ تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ استادن جي ڏينهن تي مان قدر جوڳن استادن کي اپيل ڪيان ٿو ته هو خلوص واري نيت سان پنهنجون خدمتون جاري رکن خاص ڪري ملڪ جي ڏورانهن، پٺتي پيل علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ استادن جي لگن ۽ خدمت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.وزيراعظم چيو ته ديانتداري، همدردي، رواداري، نظم و ضبط، تخليقي صلاحيت، گڏيل احترام ۽ حب الوطني جي جذبي جهڙن قدرن سان نئون نسل ئي انشاالله مستقبل سنڀاليندو.











