ڪراچي / اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري استادن جي عالمي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ جي استادن کي مبارڪون ڏيندي انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري پيغام ۾ هن چيو ته استادن جي محنت ۽ قربانيون پاڪستان جي روشن مستقبل جو بنياد آهن، استاد صرف نصاب ناهي پڙهائيندو پر شاگردن ۾ …
استادن جي محنت ۽ قربانيون پاڪستان جي روشن مستقبل جو بنياد آهن: بلاول ڀٽو زرداري
ڪراچي / اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري استادن جي عالمي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ جي استادن کي مبارڪون ڏيندي انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري پيغام ۾ هن چيو ته استادن جي محنت ۽ قربانيون پاڪستان جي روشن مستقبل جو بنياد آهن، استاد صرف نصاب ناهي پڙهائيندو پر شاگردن ۾ شعور، سوال ڪرڻ جي همٿ ۽ هڪ بهتر معاشرو ٺاهڻ جي صلاحيت پيدا ڪندو آهي. بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريو ته استادن کي احترام، مناسب سهولتون، پيشيواراڻي آزادي ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، معياري تعليم ۽ استادن جي ڀلائي تي ڌيان اصل ۾ ملڪ جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. هن استادن، خاص ڪري نجي ادارن جي استادن جي پگهارن ۾ منصفاڻي اضافي، ملازمت جي تحفظ ۽ بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ اثرائتو ميڪانيزم ٺاهڻ تي به زور ڀريو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ تعليمي ادارن جو قيام ۽ هٿي وٺائڻ هميشه ترجيح رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي استادن جي خدمتن ۽ جدوجهد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته پيپلز پارٽي استادن جي حقن، مسئلن جي حل ۽ سندن پيشيواراڻي وقار جي بحالي لاءِ هميشه هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪندي رهندي.











