گڏيل قومون- 05 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي موسمياتي معاملن واري سربراهه سائمن اسٽيل چيو آهي، ته سخت گرمي ڳورهارين عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن لاءِ خطرن ۾ اضافو ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هو اڄ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان فجي جي شهر نادي ۾ منعقد ”پري ڪوپ“ ڪانفرنس کي خطاب ۾ هڪ نئين تحقيق جو حوالو ڏيندو. ان تحقيق مطابق پنجن وڏن کنڊن ۾ صحت جي …
شديد گرمي سبب ڳورهارين عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن کي خطرا درپيش ٿي سگهن ٿا: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون- 05 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي موسمياتي معاملن واري سربراهه سائمن اسٽيل چيو آهي، ته سخت گرمي ڳورهارين عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن لاءِ خطرن ۾ اضافو ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هو اڄ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان فجي جي شهر نادي ۾ منعقد ”پري ڪوپ“ ڪانفرنس کي خطاب ۾ هڪ نئين تحقيق جو حوالو ڏيندو. ان تحقيق مطابق پنجن وڏن کنڊن ۾ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ ماڻهن گذريل پنجن سالن دوران عورتن ۽ ٻارن ۾ پيدا ٿيل اهڙين طبي پيچيدگين جو مشاهدو ڪيو آهي، جنهن جو سبب سخت گرمي آهي. موسمياتي تبديلي سبب حمل دوران شديد گرمي سبب وقت کان اڳ پيدائش، مئل ٻارن جي پيدائش، گهٽ عمر وارن ٻارن جي پيدائش ۽ ماءُ جي صحت جون پيچيدگيون وڌي رهيون آهن. هن صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته گرمي ۾ اضافي سان گڏ ماءُ ۽ ٻار لاءِ پيدا ٿيل مسئلا عالمي موسمياتي بحران جو هڪ نئون خطرناڪ رخ بڻجي چڪا آهن. جيڪو موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا.











