اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز کي آپريشن ۾ ٽن پرڏيهي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون موثر ڪارروايون دهشتگردن جي نيٽ ورڪس کي ڪمزور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. سومر تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر چيو ته خيبر …
صدر پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز کي آپريشن ۾ ٽن پرڏيهي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز کي آپريشن ۾ ٽن پرڏيهي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون موثر ڪارروايون دهشتگردن جي نيٽ ورڪس کي ڪمزور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. سومر تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر چيو ته خيبر پختونخوا مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون قابل تحسين آهن. صدر زرداري چيو ته فتنہ الخوارج جي خلاف استحڪام وزن تحت ڪارروايون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رکيُون وڃن. هن چيو ته ٻاهرين مدد سان سرگرم دهشتگرد عنصرن جا ناپاڪ ارادا هر قيمت تي ناڪام بڻائينداسين.










