مڇي جو روانگي واپار 3 مهينن ۾ 125.4 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پاڪستان جي مڇي ۽ سامونڊي مصنوعات جي روانگي واپار جي ماليت 74.4 سيڪڙو جي اضافي سان 125.4 ملين ڊالرن تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ 71.9 ملين ڊالرز هئي. هن سومر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته روانگي …

اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پاڪستان جي مڇي ۽ سامونڊي مصنوعات جي روانگي واپار جي ماليت 74.4 سيڪڙو جي اضافي سان 125.4 ملين ڊالرن تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ 71.9 ملين ڊالرز هئي. هن سومر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته روانگي واپار مان آمدني ۾ اضافو سامونڊي ماهيگيري جي شعبي جي وڌندڙ معاشي اهميت ۽ ملڪي بليو اڪانامي ۾ ان جي ڪردار کي ظاهر ڪري ٿي. وفاقي وزير مطابق گذريل 3 سالن دوران روانگي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ 74.8  سيڪڙو جو اضافو ٿيو. پهرين ٽه ماهي 24-2023ع  ۾ مڇي ۽ سامونڊي مصنوعات جو روانگي واپار 35294 ميٽرڪ ٽن هو، جيڳو 25-2024ع  جي انهي عرصي ۾ وڌي 43995 ميٽرڪ ٽن ۽ پهرين ٽه ماهي 26-2025ع ۾ 61679 ميٽرڪ ٽن ٿي ويو. هن ٻڌايو ته روانگي واپار جي ماليت به مسلسل وڌي، جيڪا پهرين ٽه ماهي 25-2024ع  ۾ 93.28 ملين ڊالر  مان وڌي هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 125.4 ملين ڊالر ٿي وئي. هن چيو ته روانگي واپار جي ماليت ۽ ڳاڻيٽي ۾ نمايان اضافو پاڪستان جي ماهيگيري جي مصنوعات جي عالمي مارڪيٽن ۾ وڌندڙ صلاحيت جي عڪاسي ڪري ٿو. ماهيگيري جو شعبو سامونڊي معيشت جو اهم حصو آهي ۽ ماهيگير برادرين کي روزگار فراهم ڪرڻ سان مڇي ۽ ٻي سامونڊي مصنوعات  جي روانگي واپار مان مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ڪجي ٿو.  وفاقي وزير ميري ٽائم فشريز ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته مالي سال 26-2025ع دوران شعبي رڪارڊ 568 ملين ڊالر جي روانگي واپار مان آمدني حاصل ڪئي. هن پاڪستاني ماهيگيري جي مصنوعات  لاءِ نئين عالمي مارڪيٽن تائين پهچ کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته روس جي مارڪيٽن جو کلڻ هڪ نمايان ڪاميابي آهي.  هن جو چوڻ هو ته آمريڪا کي جهينگي مڇي جي روانگي واپار جي بحالي لاءِ تازن قدمن ۽ پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون ۾ ماهيگيري جي لائسننگ نظام جي بحالي سان سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال کي هٿي ملندي. هن چيو ته خاص ڪري يورپي يونين جي منافعو ڏيندڙ سامونڊي خوراڪ جي مارڪيٽن تائين پاڪستان جي پهچ ۾ موجود اداره جاتي، فني ۽ سگهه بابت لاڳاپيل رنڊڪن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. هن ميري ٽائيم فشريز ڊپارٽمينٽ جي فشريز ٽريننگ سينٽر جي بحالي تي به زور ڀريو ته جيئن انساني وسيلن جي سگهه، فني ۽ پيشيواراڻي مهارت کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ عالمي ماهيگيري ۽ سامونڊي خوراڪ جي حفاظتي گهرجن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ماهيگيري جي شعبي کي جديد بڻائڻ، سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعامل، عالمي مارڪيٽن تائين پهچ وڌائڻ ۽ قومي معيشت ۾ ان شعبي جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.