وزيراعظم پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽن خارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽن خارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروايُون دهشتگردن جي نيٽ ورڪس تي هڪ وڏي ضرب آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايُون جاري رهنديُون. …

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽن خارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروايُون دهشتگردن جي نيٽ ورڪس تي هڪ وڏي ضرب آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايُون جاري رهنديُون. وزيراعظم چيو ته خيبر پختونخواهه سميت سڄي ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهن ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي لاءِ رياست پنهنجي عزم تي قائم آهي.