پي ٽي آءِ قيادت ڪارڪنن کي اڳيان ڪري پاڻ بلٽ پروف گاڏين ۾ لڪي وئي: دفاع وارو وفاقي وزير

اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ احتجاج جي حڪمت عملي تي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڪارڪنن کي روڊن تي آڻي پاڻ کي محفوظ گاڏين ۾ لڪائڻ بهادري ناهي.  سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ دفاع واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا هٿياربند ڪارڪن روڊن تي آهن …

اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ احتجاج جي حڪمت عملي تي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڪارڪنن کي روڊن تي آڻي پاڻ کي محفوظ گاڏين ۾ لڪائڻ بهادري ناهي.  سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ دفاع واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا هٿياربند ڪارڪن روڊن تي آهن جڏهن ته نام نهاد بهادر ليڊر  بم پروف ۽ بلٽ پروف سرڪاري گاڏين ۾ ڪوئن وانگر لڪل آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ليڊر واقعي بهادر آهن ۽ ڪرپشن جا مرتڪب ناهن ته هو ڪارڪنن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بهيندا آهن نه ڪي سرڪاري وسيلن جي آڙ ۾ لڪندا آهن. خواجه آصف پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران عدالت جي حڪمن ۽ طعي ٿيل شرطن جي کُليل ڀڇڪڙي جو الزام لڳائيندي چيو ته احتجاج ۾ هيليڪاپٽر، سرڪاري وسيلا ۽ هٿياربردار جٿن جو کليل استعمال ڪيو ويو. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ به هجن ها ته ان ڳالهه جي ڇا ضمانت هئي ته پارٽي طي ٿيل معاملن جو احترام ڪندي؟ هن دهشتگردي خالف قومي اتفاق راءِ ۽ پي ٽي آءِ جي رويي تي ڳالهائيندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي پوري قوم جو اتفاق آهي، پر پي ٽي آءِ ان تي راضي ناهي. هن چيو ته افغانستان مان ڊرون حملا ٿين يا دهشتگردي جا واقعا، يا اسان جي فوج، پيرا ملٽري فورسز يا پوليس جا جوان شهيد ٿين، پي ٽي آءِ پاران نه ڪا مزاحمت سامهون اچي ٿي ۽ نه ئي مذمت. هن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو ته اهي دعويٰ ڪندا هئا سومناٿ تي حملو ٿيندو، پر هي اسلام آباد، پي ٽي آءِ قيادت کي هاڻي غزني جي سوچ کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي.