اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سڄي ملڪ جي استادن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته استاد پاڪستان جي فڪري، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته استاد صرف علم منتقل ناهن ڪندا پر شاگردن ۾ جستجو، اعتماد ۽ معاشري ۽ …
سينيٽ چيئرمين پاران ملڪ جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ استادن جي ڪردار جي ساراهه
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سڄي ملڪ جي استادن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته استاد پاڪستان جي فڪري، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته استاد صرف علم منتقل ناهن ڪندا پر شاگردن ۾ جستجو، اعتماد ۽ معاشري ۽ ملڪ لاءِ ذميواري جو شعور به اجاگر ڪندا آهن. هن چيو ته تيزي سان بدلجندڙ سماجي ۽ ٽيڪنالاجي ماحول ۾ اهڙو تعليمي نظام ضروري آهي، جيڪو تخليقي صلاحيتن، تنقيدي سوچ، جدت ۽ ذميواراڻي شهريت کي هٿي ڏئي. هن استادن کي جديد تعليمي وسيلن، مسلسل پيشيواراڻي تربيت ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن هو نئين نسل کي مستقبل جي موقعن ۽ چئلينجز لاءِ موثر طور تيار ڪري سگهن. سيد يوسف رضا گيلاني معياري تعليم کي هٿي وٺائڻ ۽ نوجوانن لاءِ بهتر موقعا پيدا ڪرڻ واري پارلياماني عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سڄي ملڪ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ استادن جي محنت ۽ خلوص جي تعريف ڪندي چيو ته معاشرو علم ۽ علم ورهائيندڙن جو احترام ڪري ٿو، هو پنهنجي لاءِ مضبوط، پُراعتماد ۽ خوشحال مستقبل جو بنياد رکندا آهن.











