صنعاء- 05 آڪٽوبر (اي پي پي)يمن جي صدارتي قيادت ڪائونسل جي سربراهه رشاد محمد العليمي حوثين جي ڪنٽرول هيٺ باقي رهيل علائقن کي واپس وٺڻ لاءِ فوجي ڪارروائين جي شروعات جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق العليمي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ اسان پنهنجي قوم جي تاريخ جي هڪ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. رياست امن جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. العليمي …
يمن جي صدارتي قيادت ڪائونسل جي سربراهه پاران حوثي مليشيا خلاف فوجي ڪارروائين جو اعلان

مزید خبریں
صنعاء- 05 آڪٽوبر (اي پي پي)يمن جي صدارتي قيادت ڪائونسل جي سربراهه رشاد محمد العليمي حوثين جي ڪنٽرول هيٺ باقي رهيل علائقن کي واپس وٺڻ لاءِ فوجي ڪارروائين جي شروعات جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق العليمي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ اسان پنهنجي قوم جي تاريخ جي هڪ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. رياست امن جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. العليمي مطابق انهن فوجي ڪارروائين جو مقصد حوثين جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ رهندڙ شهرين لاءِ امن، حقن ۽ وقار جي بحالي آهي. هن زور ڀريندي چيو ته انهن علائقن جو عوام فوجي ڪارروائين جو هدف ناهي. هن حوثي ڪنٽرول واري علائقن جي رهائشين کي اپيل ڪئي ته هو حوثين جي اجتماع گاهن کان پري رهن ۽ پنهنجن ٻارن کي ويڙهه جو شڪار ٿيڻ کان روڪين.











