اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق استادن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته تعليم يافته، باشعور ۽ مهذب معاشري جي جوڙجڪ ۾ استادن جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو، استاد نئين نسل کي علم ۽ شعور سان تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ کين انهن جي قومي ذميوارين ۽ فرضن کان به آگاهه ڪندا آهن. هن استادن جي خدمتن کي …
استاد قوم جي معيار ۽ نئين نسل جي فڪري ۽ اخلاقي تربيت جا ضامن آهن: سردار اياز صادق
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق استادن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته تعليم يافته، باشعور ۽ مهذب معاشري جي جوڙجڪ ۾ استادن جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو، استاد نئين نسل کي علم ۽ شعور سان تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ کين انهن جي قومي ذميوارين ۽ فرضن کان به آگاهه ڪندا آهن. هن استادن جي خدمتن کي قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. انهن خيالن جو اظهار هن استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال سڄي دنيا ۾ 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ استادن جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته موجوده دور جي گهُرجن کي نظر ۾ رکندي استادن کي جديد تعليمي نظام، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق سان هم آهنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ سازگار تدريسي ماحول ۽ ضروري سهولتن جي فراهمي به يقيني بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته هڪ مضبوط تعليمي نظام ذريعي باشعور، تعليم يافته ۽ باصلاحيت معاشري جي جوڙجڪ ممڪن آهي، جيڪا ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته استادن جي مسئلن جي حل، سندن حقن جي تحفظ ۽ سندن پيشيواراڻي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته استاد علم جي روشني پکيڙڻ ۽ معاشري جو فڪري ۽ اخلاقي بنياد مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته استادن جي خدمتن جو اعتراف ۽ سندن احترام کي هٿي ڏيڻ هڪ مهذب ۽ تعليم دوست معاشري جي سڃاڻپ آهي. هن استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کين خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن جي محنت ۽ رهنمائي نئين نسل جي ڪاميابي ۽ ملڪ جي روشن مستقبل جي ضامن آهي.











