سعودي عرب ۾ اسڪول عارضي طور تي بند، هڪ هفتي تائين آن لائين ڪلاس هلندا

رياض- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ ڪيترن ئي اسڪولن اعلان ڪيو آهي ته ڪلاس هڪ هفتي لاءِ آن لائين ٿيندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اسڪول انتطاميه بندش جي ڪو به سرڪاري سبب ناهي ٻڌايو، جڏهن ته اهو فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ سعودي عرب ۽ يمن جي حوثين وچ ۾ تڪرار ٻيهر شدت اختيار …

رياض- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ ڪيترن ئي اسڪولن اعلان ڪيو آهي ته ڪلاس هڪ هفتي لاءِ آن لائين ٿيندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اسڪول انتطاميه بندش جي ڪو به سرڪاري سبب ناهي ٻڌايو، جڏهن ته اهو فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ سعودي عرب ۽ يمن جي حوثين وچ ۾ تڪرار ٻيهر شدت اختيار ڪري ورتي آهي. هاڻي تائين سعودي اڳواڻن اسڪولن جي بندش يا ٻيهر معمول موجب ڪلاسن جي شروعات بابت ڪو به سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو. اها اڳڀرائي هڪ ڏينهن کان پوءِ سامهون آئي آهي جڏهن سعودي قيادت اعلان ڪيو هو ته هن سعودي عرب طرف ايندڙ ڊرونز ۽ بيلسٽڪ ميزائلن کي تباهه ڪيو آهي. ٻئي پاسي حوثين جو چوڻ آهي ته يمن طرف ڏکڻ اولهه فضائي حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ زخمي ٿي پيا آهن. اهو علائقو حوثين جي ڪنٽرول ۾ آهي.