غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 7 فلسطيني شهيد، 38 زخمي

غزه- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) غزه ۾ 48 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 7 فلسطيني شهيد ۽ 39 زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپروٽن موجب فلسطين جي صحت واري وزارت ”ايڪس“ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته شهيد ٿي ويل 7 فلسطينين جا مڙهه غزه جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 38 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جن ۾ عورتون ۽ …

غزه- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) غزه ۾ 48 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 7 فلسطيني شهيد ۽ 39 زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپروٽن موجب فلسطين جي صحت واري وزارت ”ايڪس“ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته شهيد ٿي ويل 7 فلسطينين جا مڙهه غزه جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 38 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. رپورٽ موجب اڪثر متاثر شيخ رضوان ۽ نصيرات پنهاگير ڪيمپ مان آندا ويا آهن جتي اسرائيلي فوج شديد فائرنگ ڪئي آهي. وزارت موجب 11 آڪٽوبر 2025 تي جنگ بندي شروع ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ 1 هزار 415 فلسطيني شهيد ۽ 4 هزار 953 زخمي ٿي چڪا آهن.، جڏهن ته آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ اسرائيلي حملن دوران 74 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 175069 زخمي ٿي چڪا آهن.