کٽمنڊو- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ لڳاتار برساتن سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب 2 ماڻهو فوت ۽ 3 گُم ٿي ويا آهن، جڏهن ته وڏي پيماني تي ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لمبيني صوبي جي پالپا ضلعي ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي وڃڻ جا اطلاع آهن. ضلعي پوليس انسپيڪٽر …
نيپال ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب 2 ماڻهو فوت، 3 گُم

مزید خبریں
کٽمنڊو- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ لڳاتار برساتن سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب 2 ماڻهو فوت ۽ 3 گُم ٿي ويا آهن، جڏهن ته وڏي پيماني تي ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لمبيني صوبي جي پالپا ضلعي ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي وڃڻ جا اطلاع آهن. ضلعي پوليس انسپيڪٽر ڀواني پرسا ٻڌايو ته ڇپ هيٺان دٻيل هڪ گهر ۾ موجود ٽن ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. پوليس مطابق گنڊ صوبي جي پربت ضلعي ۾ ٻوڏ سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته مختلف ضلعن کي هڪ ٻئي سان ملائيندڙ اهم شاهراهون پڻ متاثر ٿيون آهن. ملڪ جي ڏکڻ طرف هيٺاهين وارن علائقن جي آبادي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. واضع رهي ته نيپال ۾ شديد برساتون جاري آهن.









