ڏکڻ آفريقا ۾ فائرنگ سبب 17 ماڻهو فوت، 15 زخمي

ڪيپ ٽائون- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي صوبي گائوتينگ جي هڪ بار ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 عورتن سميت 17 ماڻهو مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو گذريل رات اٽڪل 09:30 وڳي ويسٽ رينڊ ضلعي جي ويڊيلا واري علائقي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن بار جي ٻاهران فائرنگ شروع ڪئي. انهن ڪيترن ئي ماڻهن کان …

ڪيپ ٽائون- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي صوبي گائوتينگ جي هڪ بار ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 عورتن سميت 17 ماڻهو مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو گذريل رات اٽڪل 09:30 وڳي ويسٽ رينڊ ضلعي جي ويڊيلا واري علائقي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن بار جي ٻاهران فائرنگ شروع ڪئي. انهن ڪيترن ئي ماڻهن کان سندن موبائل فون پڻ ڦر ڪيا، جنهن کان پوءِ اهي فرار ٿي ويا. فائرنگ دوران ٻن گاڏين ۾ باهه پڻ لڳي جڏهن ته 17 ماڻهو فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا، جن کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. صوبائي پوليس شڪي ماڻهن جي گرفتاري لاءِ خاص يونٽ قائم ڪري ورتا آهن، فائرنگ جو سبب هن وقت تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.