گڏيل قومون- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر بارهام صالح چيو آهي ته جبري بي دخلي جو سڀني کان پائيدار حل امن قائم ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته انساني همدردي جا ادارا جنگ ۽ ڇڪتاڻ سبب لڏپلاڻ تي مجبور ماڻهن جي تحفظ، پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن ۽ برادرين سان سهڪار ۽ پائيدار حل ڳولڻ …
جبري بي دخلي جو پائيدار حل امن آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر بارهام صالح چيو آهي ته جبري بي دخلي جو سڀني کان پائيدار حل امن قائم ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته انساني همدردي جا ادارا جنگ ۽ ڇڪتاڻ سبب لڏپلاڻ تي مجبور ماڻهن جي تحفظ، پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن ۽ برادرين سان سهڪار ۽ پائيدار حل ڳولڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا، پر اصل ڪاميابي ان وقت ٿيندي جڏهن اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن ته ماڻهن کي امدادي ادارن جي ضرورت ئي نه رهي. هن چيو ته ڪاميابي جو مطلب اهو ناهي ته جنگ جي هڪ ٻئي سال ۾ ماڻهن کي زنده رکڻ جي صلاحيت بهتر ٿي وڃي يا هنگامي صورتحال ۾ قائم ڪيل پناهگير ڪيمپ 50 سال بعد به موجود هجي. ٻارن جو پنهنجن والدين کان ورثي ۾ بي دخلي حاصل ڪرڻ به ڪاميابي نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي برادري کي جتي ممڪن هجي بي دخلي روڪڻ، جتي ٿي چڪي آهي اتي ان جو خاتمو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي محفوظ ۽ باوقار زندگي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن ٻڌايو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ 11 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو تڪرارن، تشدد، ظلم ۽ بين خطرن سبب پنهنجن گهرن کان لڏپلاڻ تي مجبور آهن. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو پنهنجو سياسي اثرورسوخ استعمال ڪندي تڪرارن جي خاتمي ۽ امن عمل کي برقرار رکڻ، شهرين جي تحفظ، عالمي انساني قانونن جي پاسداري، پناهه جي حق ۽ عدم واپسي جي اصول جي تحفظ، پائيدار حل ۾ شروعاتي مرحلي کان سيڙپڪاري ۽ پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن جي مدد لاءِ ڪردار ادا ڪري.









