لاس اينجلس- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) ناسا اسپيس ايڪس جي ڪريو-14 مشن لاءِ 4 رڪني عملي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ آمريڪا، جاپان ۽ روس جا خلاباز شامل آهن پرڏيهي ميڊيا مطابق مشن کي 2027ع جي بهار کان اڳ عالمي خلائي اسٽيشن (آءِ ايس ايس) لاءِ روانو ڪرڻ جو امڪان ناهي. ناسا مطابق آمريڪي خلاباز ڪايلابارون ۽ ڪرس برچ ترتيبوار خلائي جهاز جي ڪمانڊ ۽ پائيلٽ جون …
ناسا پاران اسپيس ايڪس جي ڪريو-14 مشن لاءِ 4 رڪني عملي جو اعلان

مزید خبریں
لاس اينجلس- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) ناسا اسپيس ايڪس جي ڪريو-14 مشن لاءِ 4 رڪني عملي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ آمريڪا، جاپان ۽ روس جا خلاباز شامل آهن پرڏيهي ميڊيا مطابق مشن کي 2027ع جي بهار کان اڳ عالمي خلائي اسٽيشن (آءِ ايس ايس) لاءِ روانو ڪرڻ جو امڪان ناهي. ناسا مطابق آمريڪي خلاباز ڪايلابارون ۽ ڪرس برچ ترتيبوار خلائي جهاز جي ڪمانڊ ۽ پائيلٽ جون ذميواريون انجام ڏيندو جڏهن ته جاپان ايرواسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي جو خلاباز ماڪوٽوسوا ۽ روس ڪوسموس جو خلاباز آروتين ڪيويريان مشن اسپيشلسٽ هوندا. اهو مشن ناسا جي لو ارٿ آربٽ پروگرام تحت اسپيس ايڪس سان 14 هون ڪمرشل ڪريو گردش هوندو. عملو سائنسي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جا مختلف تجربا ڪندو، جن جو مقصد چنڊ ۽ مريخ تي مستقبل ۾ انساني مشنز جي سهڪار سان زمين تي انسانن لاءِ فائديمند تحقيق کي هٿي ڏيڻ آهي.









