عراق ۽ آمريڪا ۾ معاهدو، بغداد ايئر پورٽ تي واقع آمريڪي سفارتخاني جو ڪنٽرول مقامي انتظاميه حوالي

بغداد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) عراق جي حڪومت هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تحت بغداد انٽرنيشنل ايئر پورٽ تي واقع آمريڪي سفارتخاني جي سفارتي سهڪاري مرڪز جو انتظام مقامي انتظاميا سنڀاليندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه عراق جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چئي آهي. پرڏيهي وزارت جي هيڊڪوارٽرز ۾ عراق جي نائب پرڏيهي وزير محمد حسين ۽ عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني جا انتظام سنڀاليندڙ اسٽيون …

بغداد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) عراق جي حڪومت هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تحت بغداد انٽرنيشنل ايئر پورٽ تي واقع آمريڪي سفارتخاني جي سفارتي سهڪاري مرڪز جو انتظام مقامي انتظاميا سنڀاليندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه عراق جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چئي آهي. پرڏيهي وزارت جي هيڊڪوارٽرز ۾ عراق جي نائب پرڏيهي وزير محمد حسين ۽ عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني جا انتظام سنڀاليندڙ اسٽيون فگن معاهدي تي صحيحون ڪيون. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اها منتقلي عراق جي حڪومت جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد آمريڪا جي قيادت ۾ قائم عالمي اتحاد جي خاتمي ۽ عراق ۾ پرڏيهي فوجي موجودگي جي خاتمي بابت ڪارروايون مڪمل ڪرڻ آهي. ان لاءِ هلندڙ سال 30 سيپٽمبر تائين جو مدو طئي آهي. عراق جي پرڏيهي وزير چيو ته اهو قدم ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن خاص طورتي اقتصادي، ترقياتي ۽ توانائي جي شعبن ۾ شراڪتداري جي هڪ نئين مرحلي ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ اهم آهي. عراق جي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ملڪ ۾ آمريڪا جي قيادت ۾ قائم اتحاد جي فوجي مشن جي خاتمي ۽ ان جي فوجين جي واپسي جي تڪميل جي حتمي شڪل 30 سيپٽمبر آهي. هن چيو ته پهرين آڪٽوبر کان عراق لاءِ نئين دور جي  شروعات هوندي جڏهن ته ملڪ پرڏيهي فوج جي موجودگي کان آزاد ٿي ويندو ۽ پنهنجي سرزمين تي مڪمل قومي خودمختياري استعمال ڪندو.