اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بليو اڪانومي کي هٿي ڏيڻ لاءِ موجوده سيڙپڪارن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ نئين سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ جي موثر ۽ اهم حڪمت عملي آهي، اهڙو اظهار هن مشهور ٽرمينل آپريٽرز جي 6 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي قيادت ايف اي پي ٽرمينل جي سي اي او …
بليو اڪانومي کي هٿي ڏيڻ لاءِ موجوده سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي نئين سيڙپڪاري لاءِ اهم حڪمت عملي آهي: محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بليو اڪانومي کي هٿي ڏيڻ لاءِ موجوده سيڙپڪارن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ نئين سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ جي موثر ۽ اهم حڪمت عملي آهي، اهڙو اظهار هن مشهور ٽرمينل آپريٽرز جي 6 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي قيادت ايف اي پي ٽرمينل جي سي اي او اقان علي خان ڪري رهيو هو. وفاقي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت سندس ڪاروبار جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وفد اپيل ڪئي ته ٽيڪس نظام کي سادو بڻائي سنگل ڊجٽ سطح تي آندو وڃي ۽ بندرگاهي خدمتن کي ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبي وانگر باقاعده صنعت جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن سيڙپڪاري ۽ ريگوليٽري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائي سگهجي. وفاقي وزير پاليسي جي تسلسل ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي سامونڊي شعبي جي مضبوطي لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ڪاروباري مسئلن جي حل ۽ بندرگاهن تي ڪاروباري سرگرمين ۾ آساني لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻندي. هن مستقبل جي منصوبن جو ذڪر ڪندي انرجي سٽي جي قيام جو حوالو ڏنو جنهن ۾ مختلف قسمن جي توانائي لاءِ بانڊڊ اسٽوريج سهولتون شامل هونديون. هن چيو ته ان منصوبي لاءِ مختلف امڪاني ماڳن جي چونڊ فزيبلٽي ۽ موزونيت جي بنياد تي ڪئي ويندي. وفاقي وزير ٽرمينل آپريٽرز کي ترغيب ڏني ته هو ڪنسوريشم جوڙي انرجي سٽي منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پورٽ قاسم تي ملٽي پرپز ٽرمينل جي قيام۽ ترقي ۾ به ڪردار ادا ڪن. جنيد انوار چوڌري چيو ته تازو ئي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اڱڻ تان ڏهاڪا پراڻا ڪجهه 50 سال پراڻا ڪنٽينرز ۽ پيليٽس کي هٽايا ويا آهن جنهن سان بندرگاهه تي رش ۾ گهٽتائي ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي، هن ان کي پورٽ آپريشنز کي موثر بڻائڻ ۽ ڪارگو هينڊلنگ کي بهتر ڪرڻ جي وسيع تر ڪوششن جو حصو قرار ڏنو.










