وطن جي دفاع ۽ عوامي تحفظ لاءِ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جو فولادي عزم

اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)پاڪستان گذريل سال ڀارتي جارحيت خلاف فيصلائتي ۽ ڀرپور جواب سان اڳواٽ خبردار ڪري ڇڏيو هو، تفيصل موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪ فوج جي شهرين جي تحفظ ۽ ملڪي دفاع جي عزم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي مهم جوئي جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏنو ويندو. 8 مئي 2025ع تي پاڪ فوج جي …

اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)پاڪستان گذريل سال ڀارتي جارحيت خلاف فيصلائتي ۽ ڀرپور جواب سان اڳواٽ خبردار ڪري ڇڏيو هو، تفيصل موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪ فوج جي شهرين جي تحفظ ۽ ملڪي دفاع جي عزم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي مهم جوئي جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏنو ويندو. 8 مئي 2025ع تي پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي جارحيت کي بي نقاب ڪندي چيو ته جنگي جنون ۾ ورتل ڀارت جي پاڪستان ۾ داخل ٿيل سمورن اسرائيلي ساختي ڊورنز کي تباهه ڪيو ويو، ڀارت پنهنجي جارحيت سان پوري خطي کي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر اعلان ڪيو هو ته جڏهن پاڪستان حملو ڪندو ته ڀارتي ميڊيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي پر سڄي دنيا ڏسندي. پاڪستان جي عسڪري قيادت هر قيمت تي پاڪستان جي سلامتي ۽ سرحدن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ، معرڪه حق ۾ پاڪستان جي عسڪري خوداعتمادي ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيت ڀارت کي جنگي ميدان مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.