لاهور – 08 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي جو چيئرمين محسن نقوي ٻن ڏينهن جي دوري تي بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا پهچي ويو، جتي سندس ڀرپور آجيان ڪئي وئي. پي سي بي جي ترجمان مطابق ڍاڪا جي هوائي اڏي تي بنگلاديش جي پرڏيهي سيڪريٽري اسد عالم صائم، گهرو سيڪريٽري ابو نعيم ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ناظم الدين سندس …
پي سي بي جو چيئرمين محسن نقوي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڍاڪا پهچي ويو

مزید خبریں
لاهور – 08 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي جو چيئرمين محسن نقوي ٻن ڏينهن جي دوري تي بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا پهچي ويو، جتي سندس ڀرپور آجيان ڪئي وئي. پي سي بي جي ترجمان مطابق ڍاڪا جي هوائي اڏي تي بنگلاديش جي پرڏيهي سيڪريٽري اسد عالم صائم، گهرو سيڪريٽري ابو نعيم ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ناظم الدين سندس آجيان ڪئي. محسن نقوي جي ان دوري کي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپن، اندروني معاملن ۾ سهڪار ۽ ڪرڪيٽ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم قرار ڏنو پيو وڃي. ذريعن مطابق دوري دوران گڏيل دلچسپي ڪي معاملن تي ملاقاتون متوقع آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ راندين خاص طور تي ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي ٻه ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. محسن نقوي پنهنجي اتي ترسڻ دوران بنگلاديشي اختيارين ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن سان اهم ملاقاتون ڪندو.










