اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ ناقص گيس سلينڊرز ۽ گيس سلينڊر ڌماڪن ۾ خطرناڪ اضافي سميت مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽس پيش ڪيون ويون. مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين ۽ ميمبرن پاران اهي رپورٽس ايوان ۾ پيش ڪيون ويون. ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪينابس ڪنٽرول اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2025ع جي حوالي سان ڪميٽي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. قاعدن ۽ …
سينيٽ اجلاس: ناقص گيس سلينڊرز ۽ گيس سلينڊر ڌماڪن ۾ خطرناڪ اضافي سميت مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽس پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ ناقص گيس سلينڊرز ۽ گيس سلينڊر ڌماڪن ۾ خطرناڪ اضافي سميت مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽس پيش ڪيون ويون. مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين ۽ ميمبرن پاران اهي رپورٽس ايوان ۾ پيش ڪيون ويون. ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪينابس ڪنٽرول اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2025ع جي حوالي سان ڪميٽي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. قاعدن ۽ ضابطن ۽ استحقاقات بابت ڪميٽي جي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي مبينا بدسلوڪي جي حوالي سان استحقاق ڪميٽي جي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. ناڻي ۽ ريونيو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪارپوريٽ سوشل رسپانسبلٽي بل 2026ع تي ڪميٽي جي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. پاڪستان پينل ڪوڊ (ترميمي) بل 2026ع شق 361 ۽ 375 ۾ ترميم تي ڪميٽي جي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي زنا ڏوهه (نفاذ حدود) (ترميمي) بل 2026ع تي ڪميٽي جي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. گهرو اسٽينڊنگ ڪميٽي جي نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع تي ڪميٽي جي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي مالي سال 27-2026ع لاءِ تجويز ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تي صاعدن ۽ ضابطن ۽ انصرام ڪارروائي سينيٽ 2012ع جي قاعدي 166 جي ماتحت قاعدي 7 جي ڪميٽي جي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. مالي سال 26-2025ع لاءِ واپار واري وزارت جي مختص پبلڪ سيڪٽر ڊويلپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تي ڪميٽي جي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي.










