پاڪستان مان 192 اڏامن ذريعي 48 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا

مڪو شريف – 08 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف شهرن مان حج 2026ع لاءِ آيل 192 اڏامن ذريعي 48 هزار 388 سرڪاري حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. اهو انگ ڪل سرڪاري ڪوٽا جو 41 سيڪڙو ۽ پرائيويٽ ڪوٽا جو 20 سيڪڙو آهي. انهن پانڌيئڙن جي رهنمائي، خدمت ۽ سهولت لاءِ مجموعي طور تي 1073 سرڪاري خدام ۽ مددگار فيلڊ ۾ پنهنجي مقرري مڪمل ڪري چڪا آهن. …

مڪو شريف – 08 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف شهرن مان حج 2026ع لاءِ آيل 192 اڏامن ذريعي 48 هزار 388 سرڪاري حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. اهو انگ ڪل سرڪاري ڪوٽا جو 41 سيڪڙو ۽ پرائيويٽ ڪوٽا جو 20 سيڪڙو آهي. انهن پانڌيئڙن جي رهنمائي، خدمت ۽ سهولت لاءِ مجموعي طور تي 1073 سرڪاري خدام ۽ مددگار فيلڊ ۾ پنهنجي مقرري مڪمل ڪري چڪا آهن. پاڪستان حج مشن جده مطابق هن وقت تائين آيل اڏامن مان 134 مديني شريف ۽ 58 جده ايئرپورٽ تي لينڊ ڪري چڪيون آهن. سرڪاري اسڪيم کان علاوه پرائيويٽ اسڪيم تحت هن وقت تائين 9368 حج پانڌيئڙن جي آمد مڪمل ٿي چڪي آهي. مجموعي پانڌيئڙن مان 80 سيڪڙو يعني 38 هزار 584 هن وقت مڪي شريف ۾ ترسيل آهن جڏهن ته باقي 20 سيڪڙو يعني 9 هزار 804 پانڌيئڙا مديني شريف ۾ موجود آهن. پانڌيئڙن جي خدمت لاءِ مقرر ڪيل 1073 فلاحي عملي ۾ 635 مددگار، 255 طبي عملو، 175 خدام ۽ 8 ٽيڪنيڪل اسٽاف شامل آهي. هن وقت مڪي شريف ۾ 951، مديني شريف ۾ 261 ۽ جده ايئرپورٽ تي پانڌيئڙن جي آجيان لاءِ 21 خدام پنهنجا فرض ادا ڪري رهيا آهن مڪي شريف ۾ حڄ پانڌيئڙن جي آمد کي آسان ۽ آرام ده بڻائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جا بهترين انتظام ڪيا ويا آهن جتي هن وقت تائين ضرورت کان وڌيڪ بسون ۽ ڪوسٽر فيلڊ ۾ فعال ڪيا ويا آهن ته جيئن حج پانڌيئڙن کي حرم پاڪ تائين پهچڻ ۾ گهٽ کان گهٽ وقت لڳي ۽ سندن سفر آرام ده رهي.