مڪو شريف – 08 مئي (اي پي پي) ڊائريڪٽر حج مڪي مڪرمه محمد عارف اسلم رائو چيو آهي ته سعودي حڪومت پاران متعارف ڪرايل ”نسڪ ڪارڊ“ رڳو سڃاڻپ جو هڪ دستاويز نه پر پاڪستاني پانڌيئڙن لاءِ هڪ ”ڊيجيٽل محافظ“ آهي، جيڪو حج دوران سندن سلامتي ۽ سفري سهولتن جي ضمانت ڏئي ٿو. ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران محمد عارف اسلم رائو حج پانڌيئڙن تي زور ڀريو ته …
پاڪستاني حج پانڌيئڙا رهائشي هنڌن تان نڪرڻ وقت نسڪ ڪارڊ لازمي گڏ رکن: ڊائريڪٽر حج عارف اسلم رائو

مزید خبریں
مڪو شريف – 08 مئي (اي پي پي) ڊائريڪٽر حج مڪي مڪرمه محمد عارف اسلم رائو چيو آهي ته سعودي حڪومت پاران متعارف ڪرايل ”نسڪ ڪارڊ“ رڳو سڃاڻپ جو هڪ دستاويز نه پر پاڪستاني پانڌيئڙن لاءِ هڪ ”ڊيجيٽل محافظ“ آهي، جيڪو حج دوران سندن سلامتي ۽ سفري سهولتن جي ضمانت ڏئي ٿو. ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران محمد عارف اسلم رائو حج پانڌيئڙن تي زور ڀريو ته هو پنهنجن رهائشي هنڌن تان نڪرڻ وقت نسڪ ڪارڊ جي موجودگي کي هر صورت يقيني بڻائن، ڇو جو ان کان سواءِ مقدس هنڌن (منيٰ، عرفات، مزدلفه) ۾ داخلا ناممڪن هوندي. ڊائريڪٽر حج هڪ اهم ڳالهه جي نشاندهي ڪندي ٻڌايو ته حج دوران رش سبب اڪثر پانڌيئڙا رستو وسري ويندا آهن. هن واضح ڪيو ته نسڪ ڪارڊ ۾ موجود ڪيو آر ڪوڊ حج جو مڪمل نقشو آهي. جيڪڏهن ڪو پانڌيئڙو رستو وسري وڃي يا پنهنجي خيمي تائين نه پهچي سگهيا، ته سيڪيورٽي اهلڪار ان ڪارڊ کي اسڪين ڪندي پانڌيئڙن کي ان جي مخصوص خيمه نمبر ۽ هوٽل تائين پهچائڻ جا پابند آهن. اهو ڪارڊ بزرگ ۽ پهريون ڀيرو آيل پانڌيئڙن لاءِ سڀني کان وڏي سهولت آهي. عارف اسلام رائو ٻڌايو ته هلندڙ سال اهو ڪارڊ فزيڪل (پلاسٽڪ ڪارڊ) ۽ (نسڪ ايپ) ٻنهي صورتن ۾ دستياب آهي. هن پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي موبائل فونز ۾ ”نسڪ ايپ“ لازمي ڊائون لوڊڪن ته جيئن جيڪڏهن فزيڪل ڪارڊ ڪٿي رهجي وڃي يا گم ٿي وڃي ته موبائل ۾ موجود ڊيجيٽل ڪارڊ کي متبادل طور استعمال ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر حج پانڌيئڙن کي آگاهه ڪيو ته سعودي اختياريون ”پرمٽ کان سواءِ حج نه“ جي پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهيون آهن. مڪي شريف جي حدن ۽ مقدس هنڌن تي سيڪيورٽي فورسز ڪنهن به وقت نسڪ ڪارڊ طلب ڪري سگهن ٿيون. ان ڪارڊ جو موجود هجڻ ان ڳالهه جو ٽبوت آهي ته حج پانڌيئڙو قانوني طور تي رجسٽرڊ آهي ۽ ان کي سمورن سرڪاري ۽ طبي سهولتن تائين مڪمل پهچ حاصل آهي. محمد عارف اسلم رائو پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته نسڪ ڪارڊ کي پلاسٽڪ ڪور ۾ وجهي گلي ۾ لٽڪائي رکن ته جيئن گم ٿيڻ جو خدشو نه رهي. پنهنجي ڪارڊ جي تصوير ڪڍي پنهنجي موبائل يا ڪنهن ويجهي ساٿي وٽ به محفوظ رکن. ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ڪارڊ تي موجود معلومات ئي توهان جي فوري سڃاڻپ ۽ واپسي جو ذريعو بڻجندي. ڊائريڪٽر حج چيو ته پاڪستاني حج مشن پانڌيئڙن جي هر ممڪن رهنمائي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر پانڌيئڙن جو سهڪار ۽ نسڪ ڪارڊ جو صحيع استعمال ئي سندن حج کي آسان ۽ محفوظ بڻائي سگهي ٿو.










