ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو پاران جده ايئرپورٽ تي پاڪستان حج مشن فيسيليٽيشن سينٽر جو دورو، حج پانڌيئڙن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت

جده – 08 مئي (اي پي پي) ڊائريڪٽر حج عبدالوهاب سومرو جده حج ٽرمينل تي قائم پاڪستان حج مشن فيسيليٽيشن سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو جتي سينٽر جي انچارج حيدر علي کيس پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي فراهم ڪيل سهولتن، ٽرانسپورٽ جي نظام ۽ اميگريشن ۾ سهڪار جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي جي حج مختلف ڪائونٽرز، رهنمائي مرڪزن ۽ ميڊيڪل ڊسپنسري جو معائنو ڪيو ۽ عملي …

جده – 08 مئي (اي پي پي) ڊائريڪٽر حج عبدالوهاب سومرو جده حج ٽرمينل تي قائم پاڪستان حج مشن فيسيليٽيشن سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو جتي سينٽر جي انچارج حيدر علي کيس پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي فراهم ڪيل سهولتن، ٽرانسپورٽ جي نظام ۽ اميگريشن ۾ سهڪار جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي جي حج مختلف ڪائونٽرز، رهنمائي مرڪزن ۽ ميڊيڪل ڊسپنسري جو معائنو ڪيو ۽ عملي کي سختي سان هدايت ڪئي ته هتي لهندڙ پانڌيئڙن کي 7/24 بنا رڪاوٽ خدمتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت حج پانڌيئڙن جي خدمت کي پنهنجي پهرين ترجيع سمجهي ٿي ۽ ان مقصد لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو جو چوڻ هو ته هلندڙ سال 90 هزار حاجي روٽ ٽو مڪه پروگرام تحت اچي رهيا آهن جڏهن ته باقي 30 هزار پانڌيئرا ٻين اڏامن ذريعي پهچي رهيا آهن پر اسان جي ڪوشش آهي ته مستقبل ۾ سمورن حج پانڌيئڙن کي روٽ ٽو مڪه جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن انهن جو سفر آسان ٿي سگهي. هن عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته پانڌيئڙن کي وقت سر ۽ موثر انداز ۾ مڪي شريف روانو ڪرڻ ۽ ڪنهن به طبي ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هر وقت الرٽ رهيو وڃي.