آصف علي زرداري جو ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد - 08 مئي (اي پي پي) صدر صف علي زرداري موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ آفتن، وبائي مرضن ۽ عوامي صحت جي هنگامي حالتن جهڙن بدلجندڙ چئلينجز جي ڏس ۾ حڪومتي ادارن، انساني همدرديءَ جي تنظيمن ۽ مقامي برادرين جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مضبوط ۽ پائيدار صحت جي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ رڳو بنيادي ڍانچي …

اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) صدر صف علي زرداري موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ آفتن، وبائي مرضن ۽ عوامي صحت جي هنگامي حالتن جهڙن بدلجندڙ چئلينجز جي ڏس ۾ حڪومتي ادارن، انساني همدرديءَ جي تنظيمن ۽ مقامي برادرين جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مضبوط ۽ پائيدار صحت جي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ رڳو بنيادي ڍانچي ۽ وسيلا ئي نه پر همدرديءَ، رضاڪاراڻي جذبي ۽ خدمت خلق جو روح به گهربل آهي جيڪي ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ تحريڪ جا بنيادي قدر آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته آئون ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ (هلال احمر) تحريڪ جي مخلص رضاڪارن، عملي ۽ حصيدارن، خاص طور تي پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي جاري ڪيل پاڪستان ريڊ ڪراس آرڊر 1947ع تحت قائم ڪئي وئي کي انسانيت جي خدمت جي لاءِ ان جي اڻٿڪ وابستگي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ادارا صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، هنگامي حالتن ۾ موثر ردعمل ڏيڻ ۽ ڪمزور ۽ محروم طبقن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قومي صحت واري وزارت، ضابطي ۽ رابطن جي ويزن موجب پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائي جاري رکي آهي ته جيئن بنيادي صحت جون سهولتون هر ماڻهو جي لاءِ پهچ جوڳيون ۽ منصفاڻيون بڻائي سگهجن. صدر چيو ته ريڊ ڪريسنٽ تحريڪ سڄي ملڪ ۾ عوامي صحت جي مختلف قدمن ۾ هڪ اهم حصيدار رهي آهي جن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري، ڪميونٽي جي سطح تي صحت جي خدمتن، ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت سهولتن ۽ صحت کان آگاهي جون مهمون شامل آهن، انهن جي خدمتن، پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ صحت جي بهتر نظام جي لاءِ ڪيل قومي ڪوششن جو حصو آهن. صدر چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ آفتن، وبائي مرضن ۽ عوامي صحت جي هنگامي حالتن جهڙن بدلجندڙ چئلينجز جي ڏس ۾ ضروري آهي ته حڪومتي ادارن، انساني همدرديءَ جي تنظيمن ۽ مقامي برادرين جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. هن چيو ته مضبوط ۽ پائيدار صحت جي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ رڳو بنيادي ڍانچو ۽ وسيلا ئي نه پر همدرديءَ، رضاڪاراڻي جزبي ۽ خدمت خليق جو روح پڻ گهربل آهي، جيڪي ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ تحريڪ جا بنيادي قدر آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان حڪومت انساني همدرديءَ جي تنظيمن سان حصيداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن وقت سر ۽ موثر طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان ٺوس حڪمت عملين ۽ ثبوتن تي ٻڌل پاليسين جي ذريعي سمورن شهرين جي صحت ۽ ڀلائي جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪو به ماڻهو محروم نه رهجي وڃي. صدر سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اپيل ڪئي ته اهي انسانيت، يڪجهتي ۽ خدمت جي عزم جو ورجاءُ ڪن ۽ اسان سڀ گڏجي هڪ صحتمند، محفوظ ۽ باوقار پاڪستان جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪريون.