حڪومت سماجي سطح تي درپيش انساني نوعيت جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ مضبوط، منظم ۽ جامع نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد - 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف همدرديءَ، رضاڪاراڻي خدمت ۽ يڪجهتي جا قدر اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سماجي سطح تي درپيش انساني نوعيت جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ مضبوط، منظم ۽ جامع نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پيغام …

اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف همدرديءَ، رضاڪاراڻي خدمت ۽ يڪجهتي جا قدر اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سماجي سطح تي درپيش انساني نوعيت جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ مضبوط، منظم ۽ جامع نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ جي عالمي ڏهاڙي تي سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ ان تحريڪ ۾ شامل رضاڪارن، عملي ۽ حصيدارن کي انهن جي بي لوث انساني خدمتن تي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن سال هي ڏينهن “انسانيت ۾ اتحاد” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. هي موضوع انسانيت، همدرديءَ ۽ يڪجهتي جي پائيدار طاقت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته موجوده دور ۾ دنيا مجموعي طور تي پيچيده مسئلن بشمول موسمياتي تبديلي، قدرتي آفتن، عوامي صحت جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ سماجي ۽ معاشي اڻبرابرين کي منهن ڏئي رهي آهي. ان ڏس ۾ ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ جهڙين انساني همدرديءَ ۽ خدمت تي وقف تنظيمن جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت سماجي سطح تي درپيش انساني نوعيت جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ مضبوط، منظم ۽ جامع نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هر نوعيت جي بحران ۾ انساني وقار ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. آفتن ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ موثر ردعمل، عالمي سطح جي صحت سهولتن تائين آساني سان پهچ ۽ معاسري جي ڪمزور طبقن جي خصوصي تحفظ جي لاءِ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي، انهن قدمن ۾ شروعاتي وارننگ سسٽمز کي مضبوط بڻائڻ، موسمياتي تبديلي موجب ٺهيل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري، ڪميونٽي جي سطح تي صحت جي سهولتن کي فروغ ڏيڻ ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن چيو ته عوامي سطح تي هنگامي صورتحال ۾ فوري موثر ردعمل جي لاءِ رضاڪارن ۽ فرسٽ ريسپانڊرز جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پڻ قدم جاري آهن. انساني خدمت جي لاءِ تيار سماجي رضاڪار پهرين صف ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پاڪستان هلال احمر سوسائٽي آفتن کي منهن ڏيڻ، رت جي فراهمي، صحت جي خدمتن ۽ ڪميونٽي تائين پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ڏورانهن ۽ محروم علائقن تائين انهن جي پهچ حقيقي معنى ۾ انسانيت ۽ خدمت جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿي. حڪومت انهن خدمتن کي ساراهي ٿي ۽ مستقبل ۾ حصيداري  کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اچو سموريون ڌريون بشمول حڪومت، سوسائٽي، نجي شعبي، عالمي حصيدار ۽ سماجي طبقا گڏجي هڪ محفوظ، صحتمند ۽ مضبوط پاڪستا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي وچن جو ورجاءُ ڪريون. وزيراعظم سمورن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي همدرديءَ، رضاڪاراڻي خدمت ۽ يڪجهتي جي قدرن کي اختيار ڪن، اسان سڀ انسانيت جي خدمت ۽ ضرورتمندن جي هر ممڪن مدد جي عزم تي متحد ٿيون.