پاڪستان ۽ سريلنڪا جي هٿياربند فوج وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ گڏيل فوجي مشق شيڪ هينڊز-  02 منعقد

راولپنڊي-07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ـ سريلنڪا جي هٿياربند فوج وچ ۾ دهشتگردي جي شعبي ۾ گڏيل فوجي مشق شيڪ هينڊز- 02 پاڪستان جي علائقي تربيلا ۾ منعقد ڪئي وئي. هي ٻن هفتن تي ٻَڌل مشق 27 اپريل 2026ع کان شروع ٿي جيڪا اڄ ختم ٿي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ان مشق ۾ پاڪستان آرمي جي اسپيشل سروسز گروپ ۽ سريلنڪن اسپيشل فورسز جي جنگي …

راولپنڊي-07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ـ سريلنڪا جي هٿياربند فوج وچ ۾ دهشتگردي جي شعبي ۾ گڏيل فوجي مشق شيڪ هينڊز- 02 پاڪستان جي علائقي تربيلا ۾ منعقد ڪئي وئي. هي ٻن هفتن تي ٻَڌل مشق 27 اپريل 2026ع کان شروع ٿي جيڪا اڄ ختم ٿي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ان مشق ۾ پاڪستان آرمي جي اسپيشل سروسز گروپ ۽ سريلنڪن اسپيشل فورسز جي جنگي جٿن حصو ورتو. اسپيشل سروسز گروپ جي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سريلنڪا مان ميجر جنرل اجيٿ ابيواردانا پڄاڻيءَ واري تقريب جو مشاهدو ڪيو. مشق دوران ٻنهي ملڪن جي فوجن پيشيوراڻي مهارت ۽ اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. ان گڏيل مشق جو مقصد دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ استعمال ٿيندڙ مشقن، طريقيڪار ۽ فني طور گڏيل تربيت ذريعي وڌيڪ بهتر بڻائڻ هو، جڏهن ته ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ مقصد هو.