پيٽروليم واري وفاقي وزير سان سعودي سفير جي ملاقات، گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بحث هيٺ آيا

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان جن توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي مسلسل معاونت تي ٿورن جو اظهار …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان جن توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي مسلسل معاونت تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن خاص ڪري پيٽروليم شين جي فراهميءَ ۾ پاڪستان کي ملندڙ خصوصي سهولتن کي ساراهيو جن موجوده چئلينجنگ حالتن ۾ پاڪستان جي توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻنهي ڌُرين طرفان پيٽروليم جي شعبي ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊگهي مُدي واري توانائي تعاون کي هٿي ڏيڻ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي سفير پاڪستان کي توانائيءَ جي تحفظ جهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ سعودي عرب جي مڪمل تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل مدد جي خاطري ڪرائي وئي. ان موقعي تي ٻُڌايو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڻوڪي فني سطح تي رابطن دوران ڊگهي مُدي جي تعاون جي حوالي سان مشاورت ۾ به مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ٻنهي ملڪن مختلف ريفائنري اپ گريڊيشن ۽ سيڙپڪاريءَ جي منصوبن کي تلاش ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. سعودي سفير خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو. وفاقي وزير سعودي عرب خاص ڪري آرامڪو سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ توانائي حصيداريءَ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي پُراڻي حمايت ۽ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عوام جون توانائي واريون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ ان سلسلي ۾ سعودي تعاون کي انتهائي در جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.