سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اجلاس

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ جي 361هين اجلاس دوران غور هيٺ آيل قانونسازي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانونسازيءَ کان علاوه اجلاس ۾ اهم قومي ۽ عالمي معاملا موجوده صورتحال تي بحث ڪئي ويندي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته سينيٽ جو موجوده اجلاس امڪاني …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ جي 361هين اجلاس دوران غور هيٺ آيل قانونسازي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانونسازيءَ کان علاوه اجلاس ۾ اهم قومي ۽ عالمي معاملا موجوده صورتحال تي بحث ڪئي ويندي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته سينيٽ جو موجوده اجلاس امڪاني طور 22 مئي تائين جاري رهندو. اجلاس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان، سينيٽر راجا ناصر عباس، مخالف ڌر جو اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر رانا ثناءُ الله، سينيٽر سيد علي ظفر، سينيٽر منظور احمد، سينيٽر عطاءُ الرحمان، سينيٽر جان محمد، سينيٽر حاجي هدايت الله، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سينيٽ جي سيڪريٽري سيد حسنين حيدر شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ڪميٽيءَ کي موجوده اجلاس دوران غور هيٺ قانونسازي جي ايجنڊا تي بريفنگ ڏني.