اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حق جي ويڙهه الله پاڪ جو انعام آهي، جنهن دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته جيڪا قوم موت کان نٿي ڊڄي ان کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، قومي اتحاد ئي پاڪستان جي اصل طاقت آهي ۽ جيڪڏهن اهائي فضا مستقل بنيادن تي قائم رهي ته ترقي ۽ ڪاميابي مقدر بڻجي سگهي ٿي. هو ڪالهه …
حق جي ويڙهه الله پاڪ جو انعام آهي، ان دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته جيڪا قوم موت کان نٿي ڊڄي ان کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حق جي ويڙهه الله پاڪ جو انعام آهي، جنهن دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته جيڪا قوم موت کان نٿي ڊڄي ان کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، قومي اتحاد ئي پاڪستان جي اصل طاقت آهي ۽ جيڪڏهن اهائي فضا مستقل بنيادن تي قائم رهي ته ترقي ۽ ڪاميابي مقدر بڻجي سگهي ٿي. هو ڪالهه بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي فيصل مسجد ڪيمپس ۾ اقبال بابت عالمي تحقيقاتي اداري جي انتظام هيٺ حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ جو سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. سيمينار جي شروعات جهنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب سان ٿي. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڀارتي يلغار جي جواب ۾ پوري قوم متحد ٿي سامهون آئي ۽ مذهبي فرقيواراڻي ۽ علائقائي تقسيم پوئتي ڇڏي وئي. هن چيو ته ڪجهه قومي مقصد اهڙا به هوندا آهن جن تي اختلاف ڪا معنيٰ نٿا رکن، ان لاءِ قوم کي اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي فضا کي برقرار رکڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو اصل مسئلو پرڏيهي دشمن نه پر اندروني عدم اتحاد آهي، سندس چوڻ هو ته اسان کي احترام راءِ کي هٿي ڏيڻي پوندي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج جي هر سپاهيءَ کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ گهرجي.










