حق جي ويڙهه جو هڪ سال مڪمل، هٿياربند فوج خاص طور تي پاڪ فضائيه جي فخر جوڳي عسڪري تاريخ

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)حق جي ويڙهه جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج خاص طور تي پاڪ فضائيه فخر سان ملڪ جي عسڪري تاريخ جي هڪ اهم باب جي ياد ملهائي رهي آهي، جنهن قومي اعتماد کي مضبوط ڪيو ۽ اداره جاتي عزم ۽ پاڪ فضائيه جي جديد ڪاري ۽ توجهه رکڻ جي صلاحيت ۾ واڌ جي اڻٿڪ ڪوششن جي توثيق ڪئي. آءِ آيس پي …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)حق جي ويڙهه جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج خاص طور تي پاڪ فضائيه فخر سان ملڪ جي عسڪري تاريخ جي هڪ اهم باب جي ياد ملهائي رهي آهي، جنهن قومي اعتماد کي مضبوط ڪيو ۽ اداره جاتي عزم ۽ پاڪ فضائيه جي جديد ڪاري ۽ توجهه رکڻ جي صلاحيت ۾ واڌ جي اڻٿڪ ڪوششن جي توثيق ڪئي. آءِ آيس پي آر مان جاري بيان موجب هي تاريخي سنگِ ميل پاڪستان ايئرفورس جي جديد ترين نظامن جي سمارٽ شموليت ۽ خلل وجهندڙ ٽيڪنالاجيز جي تيز آپريشنلائزيشن ذريعي مستقبل لاءِ تيار فضائي طاقت بڻجڻ طرف ثابت قدمي جي سفر جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن سان ان جي نئين سر آپريشنل جوڙجڪ کي مستحڪم ڪيو پيو وڃي.