اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)سينيٽ متفقه طور هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي وقار جي تحفظ لاءِ هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ پوري پاڪستاني قوم جي قربانين، بهادري ۽ عزم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. هي قرارداد پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان ۾ پيش ڪئي. ڪالهه ايوان حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪستان …
سينيٽ ۾ هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ پوري پاڪستاني قوم جي قربانين ۽ بهادري عزم کي خراجِ تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)سينيٽ متفقه طور هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي وقار جي تحفظ لاءِ هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ پوري پاڪستاني قوم جي قربانين، بهادري ۽ عزم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. هي قرارداد پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان ۾ پيش ڪئي. ڪالهه ايوان حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت، وقت سر حڪمت عملي ۽ جرائت کي ساراهيندي چيو ته ان ڪاررواين ذريعي ڀارت جي آپريشن سندور کي مؤثر انداز ۾ ناڪام بڻايو ويو. قرارداد ۾ چيو ويو ته ان آپريشن دشمن کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، قومي مفادن ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. ايوان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دانشمنداڻي قيادت کي پڻ ساراهيو جن قومي يڪجهتيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو مؤقف مؤثر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قرارداد ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سندس جرائتمنداڻي قيادت، عسڪري حڪمت عملي ۽ قومي دفاع لاءِ غير معمولي خدمتن تي خصوصي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. قرارداد موجب سندس قيادت هٿياربند فوج جي حوصلي ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ايوان وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن ۽ غازين کي به خراجِ عقيدت پيش ڪيو جن دشمن جي جارحيت ۽ دهشتگرديءَ کان متاثر شهرين ۽ انهن جي ڪٽنبن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. قرارداد ۾ ان عزم کي ورجايو ويو ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان جي دفاع خودمختياري ۽ استحڪام تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ايوان ان صورتحال دوران سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي ڪردار کي به ساراهيو. قرارداد ۾ عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ويو ته هو ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ عالمي قانونن جي پاسداري يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اهڙن قدمن جي حوصله شڪني ڪري جيڪي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو سبب بڻجن ٿا.










