“معرڪه حق” ۾ فتح کانپوءِ اڄ دنيا پاڪستان کي هڪ سنجيده ۽ مضبوط ملڪ جي طور تي ڏسي رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ معرڪه حق جي فتح جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته “معرڪه حق” ۾ فتح کانپوءِ اڄ دنيا پاڪستان کي هڪ سنجيده ۽ مضبوط ملڪ جي طور تي ڏسي رهي آهي، معرڪه حق قومي عزم، جذبي ۽ ويزن جي علامت آهي، بيانيي جي جنگ ۾ حقيقتون ۽ …

اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ معرڪه حق جي فتح جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته “معرڪه حق” ۾ فتح کانپوءِ اڄ دنيا پاڪستان کي هڪ سنجيده ۽ مضبوط ملڪ جي طور تي ڏسي رهي آهي، معرڪه حق قومي عزم، جذبي ۽ ويزن جي علامت آهي، بيانيي جي جنگ ۾ حقيقتون ۽ سچ اهميت رکن ٿا، ڀارتي حڪومت سچائي جي خوف کان پاڪستاني يوٽوب چينلز تي پابنديون هنيون، اسان ڀارتي چينلز تي پابندي بدران پنهنجي ڊيجيٽل حڪمت عملي تبديل ڪئي، اسان جي ٽيم ڀارتي لوڪيشنز کي جيوٽيگ ڪري اتان جي صارفين تائين پاڪستاني ملي نغما، ترانا ۽ جي ايف 17 ٿنڊرز جون وڊيوز پهچايون جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي عوام پاڻ پنهنجي حڪومت کان سوال ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي. معرڪه حق ۾ جامع حڪمت عملي ۽ مڪمل هم آهنگي سان هر سطح تي دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽر آف پاڪستان اينڊ انٽرنيشنل ريليشنز جي اهتمام هيٺ “معرڪه حق سيمينار” کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستاني ۽ عالمي صحافين جي هڪ وفد کي بيلانور شاهه جي ان علائقي جو دورو ڪرايو ويو جنهن بابت ڀارت دعوى ڪئي هئي ته اتي دهشتگردن جون ڪئمپون موجود آهن، اسان صحافين جي وفد کي انهي جڳهه تي وٺي وياسين ته جيئن دنيا کي ڏيکاري سگهجي ته اتي زندگي معمول موجب جاري آهي، ان دوري جي ذريعي ڀارتي پروپگئنڊه کي بي نقاب ڪيو ويو. هن چيو ته صحافين جو اهو دورو ايتري قدر موثر ۽ ڪامياب رهيو جو ان کانپوءِ اسان اڳئين ڏينهن مريدڪي ۽ بهاولپور جي دوري جو منصوبو ٺاهيو جتي ڀارت دهشتگرد سرگرمين جا الزام هنيا هئا جڏهن ته اسان جي دوري کان اڳ ئي ڀارت بزدلاڻو حملو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي جارحيت جو بنياد ئي پروپئگنڊه ۽ هٿ ٺوڪي ڪهاڻين تي قائم هو. هن چيو ته اسٽريٽجڪ بيانيي جي محاذ تي صحيح معلومات، صحيح وقت تي ۽ صحيح سامعين تائين پهچائڻ اهم هوندو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت ماضي ۾ به ڪيترائي فالس فليگ آپريشنز ڪيا آهن، اها ان جي تاريخ رهي آهي، تاريخ گواهه آهي ته اهڙن فالس فليگ آپريشنز کي پاڪستان جي خلاف جارحيت ۽ حملن جي جواز جي طور تي استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کي اڄ اٽڪل 8 ڏهاڪا گذري چڪا آهن پر ڀارت اڄ به ٻه قومي نظريي جي حقيقت کي دل سان تسليم نه ڪري سگهيو، حقيقت اها آهي ته پاڪستان جو وجود هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي جڏهن ته نظريه پاڪستان ۽ ٻه قومي نظريو به وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف اسان پنهنجي اوڀرندي سرحد جي هن ڀيري هندوتوا نظريي جي وڌندڙ اثرن کي پڻ واضح طور تي ڏٺو آهي، اتي اسان اقليتن تي ٿيندڙ ظلمن کي به ڏٺو آهي. هن چيو ته اسٽريٽجڪ بيانيي جي ڳالهه آئي ته اسان جو پهريون ۽ واضح موقف اهو ئي هو ته ڀارت سدائين پنهنجي اندروني مسئلن کي ٻاهريون رنگ ڏيڻ ۽ ٻاهرئين مسئلن کي اندروني مسئلو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردي ڀارت جو اندروني مسئلو آهي، اهو ڪو ٻاهريون مسئلو نه آهي، ان جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار هڪ عالمي مسئلو آهي ڇو ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب اتي ريفرنڊم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪشمير هڪ عالمي تڪرار آهي جڏهن ته ڀارت پنهنجي اندروني ناڪامين ۽ مسئلن کي ٻاهرئين خطرن سان ڳنڍي حقيقتن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت سدائين پنهنجي ڪوڙي بيانيي ۽ گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه جو سهارو ورتو آهي. هن چيو ته ڀارت سدائين دهشتگردي کي فروغ ڏنو، سرحدن کان مٿانهين جارحيت ۽ مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگز ۽ قتل جون ڪارروايون دنيا آڏو آهن، ڪئناڊا ۾ هرديپ سنگهه نجر جو قتل هجي يا آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ٿيندڙ عالمي سطح جي ٽارگيٽ ڪارروايون ڪنهن انفرادي عمل جو نتيجو نه آهي پر هڪ مخصوص سوچ ۽ نظريي جي عڪاسي آهي ۽ اهو نظريو دهشتگردي جو آهي. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بنيادي فرق اهو ئي آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف پهرين صف جي رياست رهيو آهي جڏهن ته ڀارت دهشتگردي کي فروغ ڏيندو آيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، ڪو ٻيو ملڪ اهڙو مثال پيش نه ٿو ڪري سگهي، دنيا ۾ ڪا ٻي قوم اهڙي نه آهي جنهن وٽ دهشتگردي جي جنگ ۾ ايتري عظيم قربانين جو رڪارڊ موجود هجي جيترو پاڪستان وٽ آهي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جي آفيسرن کان وٺي جوانن تائين بي مثال قربانين جا داستان موجود آهن. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس فورس ۽ معصوم ٻارن دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي، آرمي پبلڪ اسڪول جي افسوسناڪ سانحي کي ڪير نه ٿو وساري سگهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف جي رياست آهي، اسان جي ٻارن ان جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جنگ ۾ پاڪستان ڪيترائي ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته جڏهن ڪو پاڪستاني دهشتگردي جي جنگ ۾ پنهنجي وطن جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪري ٿو ته هو رڳو پاڪستان جي لاءِ قرباني نه ٿو ڏي پر پوري دنيا کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ قرباني ڏي ٿو، جيڪڏهن انهن قربانين جو سلسلو نه هجي ها ته اهي دهشتگرد سڄي دنيا ۾ آزاد گهندا ڦرندا هجن ها. هن چيو ته پاڪستان امن تي يقين رکي ٿو، دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت سدائين دهشتگردي کي فروغ ڏيندو آيو آهي، ڀارت مسلسل پاڪستان تي سرحد پار دهشتگردي جا الزام هڻندو رهيو آهي، پهلگام واقعي جي حوالي سان ڀارت جهڙي انداز ۾ بيانيو ٺاهيو اهو نه رڳو عيرمنطقي پر کل جوڳو به هو. هن چيو ته پهلگام واقعي جي ايف آءِ واقعي جي رڳو 10 منٽن کانپوءِ داخل ڪئي وئي جڏهن ته ان سياحتي جڳهه تي مناسب سيڪيورٽي  موجود نه هئي، اهي سمورا عمل ان بيانيي جي ڪمزورين ۽ ان جي غيرسنجيده رويي کي واضح ڪن ٿا. هن چيو ته پهلگام جو علائقو لائين آف ڪنٽرول کان سئو ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلي تي آهي، اهڙي ۾ جيڪڏهن دراندازي ٿي به هئي ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڀارت جو دفاعي نظام ڪٿي هو؟ اهي نام نهاد دهشتگرد سوين ڪلوميٽر اندر تائين ڪيئن داخل ٿيا؟ اهي سمورا رخ ڀارت جي موقف تي ڪيترائي سنجيده سوال اٿارين ٿا. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته بيانيي جي جنگ ۾ اسان کي سڀ کان وڏي برتري ان وقت حاصل ٿي جڏهن وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ ڪيڊٽس کي خطاب ڪندي واضح طور تي چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي آزاداڻي، شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارت وٽ ان حوالي سان ڪو موثر بيانيو موجود نه آهي، هر ڀيري جڏهن پهلگام واقعي جي حوالي سان فالس فليگ آپريشن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته ڪو واضح يا بامعنى جواب سامهون نه ٿو اچي. هن چيو ته ڀارت وٽ پنهنجي موقف کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪي ٺوس ثبوت يا اعتماد جوڳو بنياد موجود نه آهي، ان خال جي ڪري صورتحال پاڻ ئي سوالن کي جنم ڏي ٿي. هن چيو ته بيانيي جي سياست ۾ حقيقت هڪ انتهائي طاقتور عنصر هوندي آهي ۽ آخرڪار سچ ئي غالب اچي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دهشتگردي جي خاتمي واري ڪردار کي ثبوتن ۽ تجربن جي بنياد تي اجاگر ڪري ٿو جڏهن ته ڀارت پاران دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان موثر يا ٺوس جواب سامهون نه ٿو اچي. هن چيو ته بيانيي جي جنگ ۾ اصل قوت شفافيت، ثبوت ۽ مسلسل موقف جي هڪ جهڙائي کي حاصل هوندي آهي. هن چيو ته اسان کي بيانيي جي محاذ تي واضح برتري حاصل ٿي، اها برتري قومي سطح تي هم آهنگي، اتحاد ۽ ٺوس حڪمت عملي جو ثمر آهي، اها هم آهنگي ۽ حصيداري عمل ان لاءِ ممڪن ٿيو ڇو ته سول ۽ عسڪري ادارن جي وچ ۾ بهترين رابطو ۽ معاونت موجود هئي، سوچ ۽ عمل جي سطح تي مڪمل هڪ جهڙائي صورتحالي کي موثر انداز ۾ سنڀالڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر مسلسل رابطي ۾ رهيا، وقت سر معلومات جي مٽاسٽا ٿيندي رهي ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت بيانيو جوڙيو ويندو رهيو، ان پوري عمل ۾ معلومات جي فوري دستيابي ۽ ٺوس پهچ فيصلاسازي کي موثر بڻايو. هن چيو ته اهو اتحاد مختلف سطحن تي پکڙجندو نظر آيو، قوم حڪومت ۽ هٿياربند فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته جڏهن ڀارتي جارحيت ۽ بنا جواز حملن کي منهن ڏيڻو هو ته ان وقت پارليامينٽ جي فلور تي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي فخر هو ته سياسي ورڇ کان مٿانهون ٿي اسان سڀ متحد آهيون، ان ايوان ۾ ان وقت ڪو سياسي اختلاف موجود نه هو ۽ پوري قوم دشمن کي اهو واضح پيغام ڏنو ته اسان هڪ آهيون. هن چيو ته جڏهن قوم متحد ٿئي ٿي ته اها هڪ اهڙي قوت بڻجي وڃي ٿي جنهن جو مقابلو ڪرڻ آسان ناهي هوندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام جي ڪردار کي به تسليم ڪرڻ ضروري آهي جنهن هر سطح تي رياستي ادارن سان غيرمعمولي وابستگي ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. وفاقي وزير معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جي جنريشن زي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جنريشن زي بيانيي ٺاهڻ جي ميدان ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاري، نوجوان نسل جديد ذريعن، تخليقي اظهار ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي ذريعي موثر ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو. بيانيي ۽ معلوماتي محاذ تي جدوجهد ۾ نوجوان نسل خاص طور تي جنريشن زي جو ڪردار غيرمعمولي اهميت رکندڙ هو، پاڪستان جي نوجوان نسل پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ جديد ڊيجيٽل اظهار جي ذريعي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. جنريشن زي روايتي انداز بدران نئون ۽ موثر ذريعو اختيار ڪيو جنهن ۾ مزاح، طنز ۽ تخليقي مواد خاص طور تي ميمز جي صورت ۾ سامهون آيو. ان ڊيجيٽل سرگرمي هڪ نئين سگهه اختيار ڪئي جتي نوجوانن پنهنجي انداز ۾ قومي موقف کي پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا چينلز، اينڪرز ۽ صحافين به ان دوران غيرمعمولي سنجيدگي، ذميواري ۽ پيشيواراڻي معيار کي برقرار رکيو ۽ غيرضروري سنسني خيزي کان پاسو ڪندي ذميواراڻي رپورٽنگ کي يقيني بڻايو، ان جي ابتڙ ڀارتي ميڊيا ۾ غيرضروري ڊرامائيت ۽ مبالغه آرائي جو عنصر نمايان رهيو. هن چيو ته جڏهن پاڪستاني بيانيو موثر انداز ۾ اجاگر ٿيو ته ٻئي طرف ڀارت وٽ سچ ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ جي صلاحيت نه هئي ته هن اسان جي يوٽيوب چينلز تي پابندي هڻي ڇڏي، جواب ۾ اسان ڀارت جي يوٽيوب چينلز تي پابندي نه لڳائي جڏهن ته اسان جي ٽيم هڪ حڪمت عملي جوڙي ۽ پاڪستاني ملي نغما، ترانا، پاڪستاني جهنڊو، پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ جي ايف 17 ٿنڊر جون تصويرون ۽ وڊيوز ڀارتي لوڪيشنز کي جيو ٽيگ ڪري اتان جي صارفين تائين پهچايون جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي عوام پاڻ پنهنجي حڪومت کان سوال ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي. هن چيو ته اسان هر سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي لاءِ جدا ۽ مخصوص حڪمت عملي اختيار ڪيئ جنهن جا ڏورس نتيجا نڪتا. هن چيو ته معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي، اهو اسان جي لاءِ انتهائي فخر جو لمحو آهي، اڄ اسان پاڪستاني هجڻ جي ناطي فخر سان بيٺا آهيون، دنيا اسان جي ڪوششن کي تسليم ڪري ٿي ۽ اسان کي هڪ سنجيده ملڪ جي طور تي ڏسي ٿي. هن چيو ته اسان ڀارت جي ڪوڙي پروپئگنڊه جي خلاف ائين ئي جدوجهد جاري رکنداسين. سول ۽ عسڪري قيادت ۾ مڪمل هم آهنگي موجود آهي، وزيراعظم جو ويزن ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي حڪمت عملي ۽ سفارتي ڪوششن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن جنهن تي اسان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.