جارحيت مڙهي وئي ته پاڪستان مڪمل قوت ۽ سمورن دستياب وسيلن سان جواب ڏيندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي جي پريس بريفنگ

اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي عزم کي ورجائيندي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن هڪ سال اڳ وانگر ڪنهن به قسم جي جارحيت مڙهي وئي ته هو پنهنجي مڪمل قوت ۽ سمورن دستياب وسيلن سان جواب ڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جو هر معاملي تي موقف عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ …

اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي عزم کي ورجائيندي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن هڪ سال اڳ وانگر ڪنهن به قسم جي جارحيت مڙهي وئي ته هو پنهنجي مڪمل قوت ۽ سمورن دستياب وسيلن سان جواب ڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جو هر معاملي تي موقف عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مضبوطي سان قائم آهي. هن چيو ته اسان جنگ يا ٽڪراءُ جي ڳالهه نه ٿا ڪريون، اسان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ڳالهه ڪريون ٿا تنهن هوندي به جيڪڏهن اسان تي جارحيت مڙهي وئي جيئن هڪ سال اڳ ٿيو هو ته پاڪستان مڪمل قوت ۽ سمورن دستياب وسيلن سان جواب ڏيندو. معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هن آپريشن بُنيان مرصوص کي قومي سفر جو هڪ فيصلائتو موڙ قرار ڏيندي چيو ته هي ڏينهن رڳو ماضي کي ياد ڪرڻ جو نه آهي پر مستقبل جو رخ طئي ڪرڻ جو پڻ آهي، معرڪه حق جو جذبو رڳو اسان جي تاريخ ۾ نه پر اسان سڀني جي اندر زندهه آهي. طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان سدائين ڀارت سان سمورن ٻطرفي معاملن جي پرامن حل، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت کي سمجهندو آيو آهي، پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن معاملي تي ڀارت سان ڳالهه ٻولهه کان انڪار ناهي ڪيو، ان لاءِ ڳالهه ٻولهه نه ٿيڻ جي ذميواري پاڪستان تي لاڳو نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه جي لاءِ راضپو ظاهر ڪري چڪا آهيون تنهن هوندي به ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٻه ڌريون گهربل هونديون آهن ۽ اهي بامعنى تڏهن ئي ٿينديون آهن جڏهن اهي هڪ طرفي ڳالهه ٻولهه نه هجن. ترجمان چيو ته اهو فيصلو ڪرڻ دنيا تي ڇڏڻ گهرجي ته ڳالهه ٻولهه جي عدم موجودگي جي ذميواري ڪنهن تي آهي. هن چيو ته آپريشن بُنيان مرصوص تحت پاڪستان جو ردعمل متوازن، قانوني ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب هو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي سفارتي ڪور کي بريفنگ ڏني جنهن ۾ هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير مسئلو خطي جي استحڪام ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ ان جي حل لاءِ گڏيل قومن جي نگراني ۾ غيرجانبداراڻو ريفرنڊم ضروري آهي. هن سنڌ طاس معاهدي تي ڪنهن به هڪطرفي قدم کان خبردار ڪيو. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي عالمي حصيدارن جي لاءِ بدستور ڳڻتي جو سبب آهي جڏهن ته نئين دهلي کان جارحاڻا بيان صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيا آهن.