اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ايئرپورٽ جو اوچتو دؤرو ڪيو ۽ حج پانڌيئڙن ۽ ٻين مسافرن جي اميگريشن واري عمل جو جائزو ورتو. گهرو وزير روڊ ٽو مڪه تحت ايئرپورٽ تي پاڪستاني مسافرن جي سعودي اميگريشن لاءِ قائم ڪائونٽرز جو معائنو ڪيو ۽ عملي سان ملاقات ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب روڊ ٽو مڪه حج تحت حج پانڌيئڙن …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران اسلام آباد ايئرپورٽ جو اوچتو دؤرو، حج پانڌيئڙن ۽ ٻين مسافرن جي اميگريشن جي عمل جو جائزو

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ايئرپورٽ جو اوچتو دؤرو ڪيو ۽ حج پانڌيئڙن ۽ ٻين مسافرن جي اميگريشن واري عمل جو جائزو ورتو. گهرو وزير روڊ ٽو مڪه تحت ايئرپورٽ تي پاڪستاني مسافرن جي سعودي اميگريشن لاءِ قائم ڪائونٽرز جو معائنو ڪيو ۽ عملي سان ملاقات ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب روڊ ٽو مڪه حج تحت حج پانڌيئڙن کي پاڪستان جي ايئرپورٽ تي ئي سعودي اميگريشن جي تيز رفتار سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. حج پانڌيئڙن روڊ ٽو مڪه پروگرام تحت اسلام آباد ايئرپورٽ تي سعودي اميگريشن جي سهولت جي بهترين انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. حج پانڌيئڙن گهرو وزير سان ڳالهائيندي چيو ته پراسز انتهائي آسان رهيو، ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿي. گهرو وزير مسافرن کان اميگريشن ۽ ٻين سهولتن بابت پُڇا ڪئي. مسافرن ٻُڌايو ته اميگريشن ۾ ڪجهه منٽ لڳا ۽ پورو عمل نهايت آسان هو. عالمي آمد تي سمورا اميگريشن ڪائونٽرز فعال هئا ۽ وقت سر اميگريشن جي سهولت فراهم ڪئي وئي. گهرو وزير جوائنٽ سرچ چيڪ پوسٽ جو دؤرو ڪيو ۽ سرچ سسٽم کي وڌيڪ مؤثر ۽ تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. گهرو وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سيڪيورٽي نظام کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. محسن نقوي ايئرپورٽ تي مسافرن جي سهولت ۽ سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مسافرن کي بنا دير جي سهولتون فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي. ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسلام آباد شهزاد بخاري ۽ ٻيا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.










