اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي عظيم ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مربوط قيادت سان ممڪن ٿي آهي، جن جي تيز رفتار فيصلي سازي، اسٽريٽجڪ تحمل ۽ متحد چين آف ڪمانڊ سان ملڪ ڀارت جي جارحيت کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ عالمي سطح تي …
حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي عظيم ڪاميابي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي مربوط قيادت سان ممڪن ٿي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي عظيم ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مربوط قيادت سان ممڪن ٿي آهي، جن جي تيز رفتار فيصلي سازي، اسٽريٽجڪ تحمل ۽ متحد چين آف ڪمانڊ سان ملڪ ڀارت جي جارحيت کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ عالمي سطح تي هڪ ذميدار ايٽمي رياست طور اُڀريو. حق جي ويڙهه جي فتح جي پهرين سالگره جي موقعي تي ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي رانا مشهود احمد چيو ته پاڪستان ڀارت کي وڌيڪ عسڪري نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکڻ باوجود نظم و ضبط ۽ پيشيوراڻي مهارت سميت تحمل کي برقرار رکندي هر بدليل علائقائي صورتحال جو فيصلائتو جواب ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم شروع کان ئي دنيا آڏو حقيقتون پيش ڪرڻ لاءِ آزاد عالمي جاچ جو مطالبو ڪيو هو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ڪڏهن به جارحيت يا دهشتگرديءَ جي حمايت نٿو ڪري پر پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت خلاف جنگ ۾ ان لاءِ ڪامياب ٿيو، ڇاڪاڻ ته دنيا هڪ ذميدار قوم کي برتريءَ باوجود تحمل جو مظاهرو ڪندي ڏٺو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي هٿياربند فوج، پائليٽس ۽ نوجوانن جنگ دوران غير معمولي پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو. راڻا مشهود احمد چيو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ڀارت جي فني برتريءَ جي تاثر کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪستاني نوجوانن جديد جنگ، سائبر صلاحيتن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ پنهنجي طاقت جو ثبوت ڏنو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت هئڻ باوجود ڄاڻي واڻي ڇڪتاڻ ۾ واڌ کان پاسو ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ قومي اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. دشمن کي مايوسي نصيب ٿي، ڇاڪاڻ ته هو سمجهندو هو ته اندروني ڏڦيڙ پاڪستان کي پرڏيهي خطرن کان پهرين ڪمزور ڪري سگهي ٿي. تحريڪ پاڪستان 1948ع، 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ ڏنل قربانين کي ياد ڪندي هن چيو ته قرباني ۽ حب الوطنيءَ جو جذبو قوم ۾ تمام گهرو آهي ۽ ان کي ڪڏهن به شڪست نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته حڪومت هاڻ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت مصنوعي ذهانت، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي قدمن ذريعي ملڪ جي نوجوانن کي هڪ فني قوت ۾ تبديل ڪرڻ تي وڌيڪ توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان اڳ ئي متحد اي آءِ نصاب تيار ڪيو آهي ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيءَ بابت پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن سان پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪي نوجوانن کي مستقبل جي فني چئلينجز لاءِ فعال طور تيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي توجهه نوجوانن کي مثبت انداز ۾ شامل ڪرڻ، کين جديد هنر سان تيار ڪرڻ ۽ کين عالمي سطح تي مقابلي جا موقعا فراهم ڪرڻ تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف يوٿ پروگرام ۾ نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ شهيدن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي هن چيو ته قوم کي ملڪ جي امن ۽ خودمختياريءَ جي حفاظت ڪندڙ نوجوانن جي قربانين تي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين اهڙا بهادر نوجوان ملڪ جي سرحدن تي بيٺل آهن پاڪستان جي ترقيءَ کي ڪابه طاقت نٿي روڪي سگهي.










