اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته حق جي ويڙهه جي ڪاميابي قومي اتحاد، حب الوطني ۽ پاڪ فوج تي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي، پوري قوم کي حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ ان موقعي تي پاڪ فوج خاص ڪري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سڀني سيڪيورٽي …
حق جي ويڙهه جي ڪاميابي قومي اتحاد، حب الوطني ۽ پاڪ فوج تي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي: اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته حق جي ويڙهه جي ڪاميابي قومي اتحاد، حب الوطني ۽ پاڪ فوج تي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي، پوري قوم کي حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ ان موقعي تي پاڪ فوج خاص ڪري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سڀني سيڪيورٽي ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، جن هر مشڪل وقت ۾ ملڪ جو ڀرپور دفاع ڪيو. هو اڪادمي ادبيات پاڪستان جي انتظام هيٺ حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ رٿيل خاص سيمينار جنهن جو عنوان قومي مقصدن جي تڪميل ۾ ادب جو ڪردار ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ڌُرين اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته قوم ۽ فوج هڪ پيج تي ناهن پر حق جي ويڙهه ثابت ڪيو ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته لاهور ۾ مزار اقبال ۽ اقبال اڪيڊمي لاهور قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي انتظام هيٺ آهي جتي بهتري ۽ بحاليءَ لاءِ وڏو خرچ فنڊن جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي ۽ نمايان ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ علامه اقبال جي گهر جي بحاليءَ لاءِ پنجاب حڪومت کي خط لکيو آهي جنهن کانپوءِ بجيٽ رکڻ جي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن جرمنيءَ ۾ علامه اقبال جي نالي سان قائم عمارت جي حوالي سان وڌيڪ رهنمائي ڪندي چيو ته حڪومت قومي ادبي فڪري ورثي جي تحفظ لاءِ سنجيده قدم جاري رکندي.










