وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان واپارين، سيڙپڪارن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شعبي سان واڳيل ناليوارين شخصيتن جي ملاقات

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان واپارين، سيڙپڪارن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شعبي سان واڳيل ملڪ جي ناليوارين شخصيتن جي هڪ وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، واپار، سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ مختلف صنعتي شعبن کي درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ احسن ڀٽي، …

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان واپارين، سيڙپڪارن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شعبي سان واڳيل ملڪ جي ناليوارين شخصيتن جي هڪ وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، واپار، سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ مختلف صنعتي شعبن کي درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ احسن ڀٽي، هارون ناصر، عمر حسين، اويس خٽڪ، حاتم طباني، شاهد خان، شعيب ظفر، عامر اقبال، حمزه رحمان، عثمان شوڪت، نجم سحر ۽ ٻيا شامل هئا. وفد جي ميمبرن وقتي صدر کي پاڪستان ۾ واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن کي درپيش چئلينجز کان آگاهه ڪيو ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. ملاقات دوران ڪنسٽرڪشن سيڪٽر، گهريلو ۽ ڪمرشل عمارتن ۾ استعمال ٿيندڙ جديد انرجي ڪنٽرول شيشن، ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۽ صحت جي شعبي بابت پڻ وقتي صدر کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن ۽ پائيدار ترقي جي امڪانن تي روشني وڌي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته واپاري، سيڙپڪار ۽ صنعتڪار ملڪي معيشت جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وقتي صدر چيو ته انهن شعبن جي ترقي سان نه رڳو قومي معيشت مستحڪم ٿئي ٿي پر روزگار جا وسيع موقعا پڻ پيدا ٿين ٿا جيڪي ملڪ جي مجموعي خوشحالي جي لاءِ انتهائي اهم آهن. وقتي صدر واپارين ۽ سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن ته جيئن معيشت مضبوط ٿئي ۽ ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي. وقتي صدر چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي ۽ قومي ترقي جي لاءِ نجي شعبي جي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. وقتي صدر وفد جي تجويزن کي ساراهيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي.

مزید خبریں